واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا چيو آهي ته دنيا افغانستان ۾ طاقت جي زور تي ٺهندڙ حڪومت قبول نه ڪندي، آمريڪي پرڏيهي وزارت جي ترجمان نيڊ پرائس چيو آهي ته دنيا افغانستان ۾ طاقت جي زور تي ٺهندڙ حڪومت کي نه مڃيندي، افغانستان ۾ ان حڪومت کي تسليم ڪيو ويندو، جنهن کي عوامي حمايت حاصل هجي ۽ جيڪا واضح اڪثريت رکندڙ هجي، خاص طور تي انساني حقن جو احترام ڪجي، آمريڪي پرڏيهي ترجمان جو چوڻ هو ته افغانستان ۾ تازي تشدد ۾ وڌيڪ هٿ طالبان جو آهي، 40 سالن کان جاري تشدد جي خاتمي جو واحد ذريعو افغان حڪومت ۽ طالبان ۾ ڳالهيون آهن.