اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم اسرندڙ ملڪن کي آءِ ايم ايف فنڊز مان رقم ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، وزيراعظم عمران خان ڪورونا وائرس جي بحراني صورتحال کي نظر ۾ رکندي آءِ ايم ايف جي غيراستعمال شده فنڊ مان اسرندڙ ملڪن کي رقم ڏيڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته عالمي معيشت جي مڪمل بحالي لاءِ سمورن ملڪن طرفان سيڙپڪاري ۾ اضافو ضروري آهي، گڏيل قومن جي پائيدار ترقي بابت اعليٰ سطحي سياسي فورم کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته دنيا کي ترقي پذير ملڪن سميت ڪورونا ويڪسين جي تياري ۽ ورڇ جي عمل کي يقيني بڻائڻ گهرجي، جڏهن ته ان حوالي سان ترقي يافته قومن پاران ڏنل امداد قابل تحسين آهي پر ان ضمن ۾ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته امير ملڪن پنهنجي معيشت فعال رکڻ لاءِ 17 کرب ڊالرز خرچ ڪيا، اسرندڙ ملڪن کي ڪورونا بحران مان نڪرڻ لاءِ سوا 4 کرب ڊالرز گهربل آهن، امير ملڪ واعدا وفا ڪن، اسرندڙ ملڪن کي امداد ڏين، مالي امداد ۽ گرانٽس جا واعدا پورا ڪيا وڃن، متاثر ملڪن جي قرضن کي ري شيڊول ڪيو وڃي.