دعا منگي اغوا ڪيس: فرار ٿيل زوهيب قريشي پوليس کي هٿ نه آيو

0
215
دعا منگي اغوا ڪيس

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) دعا منگي اغوا ڪيس ۾ فرار ٿيل مُک جوابدار زوهيب قريشي کي پوليس هٿ نه ڪري سگهي، جاچ آفيسر واقعي جي جاچ ڪرڻ لاءِ وري عدالت کان مهلت طلب ڪري ورتي

ڪراچي جي مقامي عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر عدالت کي درخواست ڪئي ته جاچ ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 7 ڏينهن جي مهلت ڏني وڃي، عدالت جاچ آفيسر کي چالان جمع ڪرائڻ جي 7 ڏينهن جي وڌيڪ مهلت ڏئي ڇڏي

پوليس عدالت کي آگاهي ڏني ته ڪيس ۾ هن وقت تائين 6 جوابدار گرفتار ٿي چڪا آهن جن ۾ هيڊ ڪانسٽيبل محمد نويد، هيڊ ڪانسٽيبل ناياب احمد، ڪانسٽيبل محمد يونس، ڪانسٽيبل حبيب ظفر ۽ عمرفاروق شامل آهن جڏهن ته فريادي اي ايس آءِ خالد به جوابدارن ۾ شامل آهي

پوليس چيو ته اي ايس آءِ خالد پاڻ کي ۽ ٻين جوابدارن کي بچائڻ لاءِ فريادي بڻجي ويو هو، جاچ دوران پتو پيو ته فريادي واقعي ۾ ملوث آهي، ذوهيب قريشي کي وارثن سان ملاقات لاءِ به خالد موڪليو هو ۽ اهلڪارن جون ڊيوٽيون به خالد لڳرائيندو هو، جوابدار ذوهيب قريشي جي فرار جو ڪيس سرڪاري مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو هو

ھي به پڙھندا

شهيد بشير قريشي جو گرفتار ڪيل پٽ ڪوثين خان ٻن ملازمن سوڌو آزاد ٿي گهر پهچي ويو