دعا زهرا ڪيس: مولوي سميت 2 ڄڻن جو رمانڊ، اهم انڪشاف

0
178
دعا زهرا ڪيس: مولوي

ڪراچي: ڪراچي جي عدالت دعا زهرا جو مبينا طور نڪاح پڙهائيندڙ مولوي سميت 2 جوابدارن کي 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي

ڪراچي جي جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ دعا زهرا جي اغوا بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، پوليس گرفتار مولوي ۽ شاهد کي پيش ڪيو

عدالت ٻنهي جوابدارن کي 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ آفيسر کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي

جوابدار غلام مصطفيٰ جو عدالت ۾ اهم انڪشاف

نڪاح پڙهائڻ جي الزام هيٺ آيل جوابدار غلام مصطفيٰ عدالت ۾ انڪشاف ڪيو ته مون دعا زهرا جو نڪاح ناهي پڙهايو، منهنجو نالو استعمال ڪيو ويو

عدالت مولوي کان سوال ڪيو ته ٻڌايو ته نڪاح جو ڪهڙو طريقيڪار هوندو آهي، جڏهن ته نڪاح ۾ وڪيل جو ڪهڙو ڪردار هوندو آهي؟

جاچ آفيسر ٻڌايو ته وڌيڪ 3 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻو آهي، جاچ ڪرڻي آهي ته واقعي جوابدار نڪاح پڙهايو آهي يا نه

ھي به پڙھندا

دعا زهرا ڪيس: ايس ايس پي توهين عدالت جا نوٽيس