پنجاب ۾ پي ٽي آءِ جي 25 باغي ميمبرز جي اسيمبلي رُڪنيت ختم

0
567
پي ٽي آءِ ايم اين ايز جي

اليڪشن ڪميشن پنجاب اسيمبلي ۾ حمزه شهباز کي وڏ وزارت لاءِ ووٽ ڏيندڙ تحريڪ انصاف جي 25 باغي ميمبرن کي ڊي سيٽ ڪري ڇڏيو

چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا تحريڪ انصاف جي باغي ميمبرن خلاف ريفرنس جو محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو

اليڪشن ڪميشن موجب چيف اليڪشن ڪمشنر اتفاق راءِ سان تحريڪ انصاف جي باغي ميمبرن کي ڊي سيٽ قرار ڏئي ڇڏيو آهي

پي ٽي آءِ جا ڪهڙا باغي ميمبر ڊي سيٽ ٿيا؟

تحريڪ انصاف سان بغاوت سبب ڊي سيٽ ٿيل پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن جي فهرست سامهون اچي وئي آهي

تحريڪ انصاف جا جيڪي ميمبر ڊي سيٽ ٿيا آهن، انهن ۾ راجا صغير احمد، ملڪ غلام رسول سنگا، سعيد اڪبر خان، محمد اجمل، عليم خان، نذير چوهاڻ، محمد امين ذوالقرنين، ملڪ نعمان لنگڙيال، محمد سلمان، زوار وڙائچ، نذير احمد خان، فدا حسين، زهرا بتول، محمد طاهر، عائشه نواز، ساجده يوسف، هارون عمران گل، عظمي ڪاردار، ملڪ اسد، اعجاز مسيح، سبتين رضا، محسن عطا خان کوسا، ميان خالد محمود، مهر محمد اسلم ۽ فيصل حيات شامل آهن

تحريڪ انصاف جي اسد عمر جو موقف

اليڪشن ڪميشن جي فيصلي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته قوم کي واڌايون هُجن، اڄ ڪڌي سياست جو هڪ ٻيو باب بند ٿي ويو،پئسو  لڳائي حڪومت ۾ ايندڙ ماڻهن جو هاڻ هميشه لاءِ رستو بند ٿي ويو

ھي به پڙھندا

نيب چيئرمين بدلين ۽ مقررين تي پابندي لڳائي ڇڏي