لنڊن (دلچسپ نيوز) درياهه جو پاڻي اوچتو اڇو ٿي ويو، ماڻهو حيران ٿي ويا. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب برطانيا ڪار مار ٿنشائر واري علائقي ۾ لدانورڊا جي دولس درياهه جي پاڻي جو رنگ اوچتواڇو ٿي ويو، پاڻي جو رنگ اوچتو بلڪل اڇو ٿي وڃڻ سبب شهري حيران ٿي ويا. ان حوالي سان هڪ شهري جو چوڻ هو ته درياهه جو رنگ اڇو ٿيڻ اسان لاءِ حيران ڪندڙ آهي ڇاڪاڻ ته اسان زندگي ۾ پهريون ڀيرو پاڻي جو رنگ ائين تبديل ٿيندي ڏٺوآهي. ٻئي طرف مقامي انتطاميا جو چوڻ آهي ته کير سان ڀريل هڪ ٽرڪ درياهه جي ويجهو رستي تي ڪلٽي ٿي پئي جنهن سبب کيرپاڻي سان ملي ويو. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي امدادي ڪارروائيون شروع ڪري ڏنيون آهن.