ڪينبرا (انٽريسٽنگ نيوز) مطلب پرستي، بغض ۽ دشمني رڳو اسان انسانن ۾ نه آهي. اهي جذبا پرائميٽس ۾ به ملي چڪا آهن ۽هاڻ سمنڊ جي ذهين ترين مخلوق ڊولفن ۾ به نظر آيا آهن. آسٽريليا جي سائنسدانن تجربن کانپوءِ ثابت ڪيو آهي ته ٻلهڻ يا ڊولفن به پاڻ ۾ حسد ۽ دشمني رکن ٿيون. سائنسدانن نوٽ ڪيو ته بوتل جهڙي نڪ وارا نر انهن ساٿين جي ئي مدد ڪندا آهن جن کين ڪنهن ڏکئي وقت ۾ بچايو هو. ٻين جي دانهن تي ڪو به ڌيان نه ٿا ڏين. هنن جو چوڻ آهي ته اهو اتحادي نيٽ ورڪ آهي جيڪو نر ڊولفنز وچ ۾ قائم هوندو آهي. ڊولفن ولر جي شڪل ۾ شڪار ڪندي آهي، ۽ هڪٻئي کي ٽولن جي صورت ۾ ئي بچائيندا آهن. رپورٽ موجب ڊولفن سماجي روين جيان روين جي درجابندي ڪندي آهي، ائين ئي هو به هم جنس وارن لاءِ جذبا رکن ٿيون جيئن اسان انسان رکندا آهيون.