لاس اينجلس (انٽريسٽنگ نيوز) ڪنهن کان غلطي ٿي وڃي يا وري ڪنهن کي ڪو ڏک پهچايو هجي، ڪو پنهنجو پيارو ناراض ٿي ويو هجي ته ماڻهو ان کي پرچائڻ لاءِ ڪهڙا ڪهڙا نه جتن ڪندو آهي. ان جو ثبوت هي تصوير آهي. آمريڪا جي سپرمارڪيٽ ۾ تڙتڪڙ ۾ خريداري ڪندي هڪ گراهڪ کان سوجي جو ڊٻو هارجي ويو. اخلاق جي تقاضا هئي ته هو اها سوجي صاف ڪري ۽ عملي کان معافي وٺي پر کيس يا ته تڪڙ هئي يا وري سندس انا ايتري وڏي هئي جو هن اهو سڀ صاف ته نه ڪيو پر رڳو ان ئي هاريل شي تي هٿ سان Sorry لکي هليو ويو. اهو فوٽو به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيو آهي.