ھڪ وڌيڪ ڀارتي اداڪارا ڪورونا وائرس ۾ مبتلا

0
290

ممبئي (شوبز نيوز ) ھندي ۽ تامل فلمن جي اداڪارھ پوجا ھيگڙي بھ ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي وئي آھي، اداڪارھ سوشل ميڊيا اڪائونٽ انسٽاگرام جي ذريعي پنھنجي مداحن کي ڪورونا ۾ مبتلا ٿيڻ بابت ٻڌايو، اداڪارھ پنھنجي استوري ۾ لکيو تھ آئون اوھان کي اطلاع ڏيڻ چاھيانٿي تھ منھنجي ڪورونا ٽيسٽ مثبت آئي آھي، مون پاڻ کي قرنطينھ ڪري ڇڏيو آھي، مداحن پاران محبت ۽ پيار ملڻ تي شڪريو ادا ڪريان ٿي.