دادو (رپورٽر) دادو جو ڳوٺاڻو پراسرار نموني گم ٿي ويو آهي، جنهن ڪري وارث پريشان آهن. ان ڏس ۾ شهيد مخدوم بلاول ڀرسان ڳوٺ ڏتي جي مياڻي جو رهواسي 28 سالن جو صدام پٽ عبدالستار ملاح ڳوٺ دادو پهچڻ بعد پراسرار نموني گم ٿي ويو وارثن پاران ڳولا ڪرڻ باوجود سندس ڪو به پتو نه پئجي سگهيو آهي، محمد اشرف ملاح ۽ ٻين وارثن جو چوڻ آهي ته صدام جو دماغي توازن ٺيڪ ناهي ڪالھه دادو آيو هو جنهن کانپوء سندس ڪو به پتو ناهي پئجي سگهيو.