ڀٽ شاھ ( ن پ ا ) ڀٽ شاهه ۾ فنڪشنل ليگ جي مرڪزي اڳواڻ محب خان جمالي جي گرفتاري خلاف ڀٽ شاھ ۾ رند برادري ۽ جمالي برادري سميت حر جماعت پاران الله والا چوڪ کان تنبوره چوڪ تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، حر اڳواڻ رئيس پنهل خان رند حافظ ميرحسن جمالي وزيرخان رند گل جمالي فقير نواز رند ۽ جسقم اڳواڻ سيد هاشم شاه لڪياري جي اڳواڻي ۾ الله والا چوڪ کان تنبوره چوڪ تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. هنن چيوته نوابشاھ پوليس جو ناروا سلوڪ فنڪشنل ليگ مرڪزي اڳواڻ محب جمالي مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري انتقامي ڪارروائي ڪئي پئي وڃي جيڪا اسان هرگز برداشت نه ڪنداسين.اسان جي اڳواڻ مٿان ڪوڙا ڪيس ختم ڪري کيس آزاد ڪيو وڃي ٻئي صورت سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا وسيع ڪيا ويندا.