خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ ڳوٺ در محمد ڄامڙو جي عورتن ۽ ٻارن بيگم خاتون ڄامڙو، مسمات سوهل، مسمات حمل خاتون، سيفل، فضل محمد، امام بخش، عبدالرزاق ڄامڙو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي چيو ته عطا محمد ڄامڙو، حسين ڏنو، غلام شبير، وزير علي ڄامڙو، غلام محي الدين عرف لالو ميمڻ ۽ ٻين اسان جي زمين تي قبضو ڪيو آهي، ڄاڻايل زمين تي مالڪن پاران لون به ورتل آهي جڏهن ته پيرسن نذير ۽ سندس پٽ ادريس ڄامڙو کي پڪڙي سخت تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد گمبٽ پوليس جي مدد سان مٿن ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا ويا آهن. هنن چيو ته بااثرن غريبن مسڪينن کي اٿارڻ لاءِ چوريون ڦرون ڪرائڻ سان گڏ زمين جي مالڪن مسڪينن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.