خيرپور ۾ پ پ اڳواڻن ۾ اختلاف: نفيسه شاهه پنهنجو پينل ميدان ۾ لاهي ڇڏيو

0
484
خيرپور ۾ پ پ اڳواڻن ۾ اختلاف

خيرپور (رپورٽر) صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ طرفان ڪوٽڏيجي جي مختلف يوسيز تي پ پ ايم اين اي ڊاڪٽر نفيسه شاهه جي حمايتي اميدوارن کي ٽڪيٽون نه ڏيڻ تان پيدا ٿيل اختلافن کانپوءِ ڊاڪٽر نفيسه شاهه ڪوٽڏيجي جي مختلف يوسيز ۾ پنهنجن اميدوارن کي آزاد اميدوار طور بيهاري ڇڏيو آهي

ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر نفيسه شاهه جي حمايتي اميدوار ۽ اڳوڻي وڏي وزير جي اڳوڻي صلاحڪار امتياز ملاح سوشل ميڊيا تي وڊيو بيان جاري ڪندي صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ مٿان سنگين الزام مڙهي ڇڏيا آهن. امتياز ملاح جو چوڻ آهي ته منظور وساڻ پنهنجي طاقت جي زور تي اپوزيشن ۾ بيٺل اميدوارن جا فارم رد ڪرائڻ جون ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن

منظور وساڻ اليڪشن ڪميشن جي لاڳاپيل آفيسرن کي فون ڪري فارم رد ڪرڻ جون هدايتون ڏئي رهيو آهي جنهن جا اسان وٽ ثبوت موجود آهن، اسان اليڪشن ۾ ضرور حصو وٺنداسين سازشون ڪرڻ بدران مقابلو ڪيو وڃي، سرڪاري مشينري استعمال ڪندي فارم رد ڪرائڻ ۽ اميدوارن کي پريشان ڪرڻ وارو عمل بهتر نه آهي

هن چيو ته منظور وساڻ جي ٻاهرين ۽ اندرين پاليسين ۾ فرق آهي، سندس چوڻ آهي ته هو ڪنهن کي به بخشيندو نه آهي، مون کي منظور وساڻ جي هر گُر جي خبر آهي، پيپلزپارٽي سان ئي تعلق آهي پارٽي جي ڪري خاموش آهيون ڪابه حرڪت ڪئي وئي ته ان جو جواب ڏنو ويندو

ھي به پڙھندا

هالا ۾ سياسي جماعتن جي رابطا مهم تيز: مٽياري عوامي اتحاد مضبوط اميدوار آڻڻ لاءِ سرگرم