خيرپورناٿن شاهه ( ن پ ا) خيرپورناٿن شاهه ۾ عيد ويجهو ايندي ئي بدامني جي باهه ڀڙڪي پئي آهي. نيشنل بئنڪ ساهمون ڪريانه جي هول سيلر واپاري گل حسن شيخ جي منشي سرفراز احمد ٿيٻو کان موٽر سائيڪل سوار ٽي هٿياربند دڪان تي چڙھي سندس منشي کي يرغمال بڻائي دڪان ۾ پيل 6 لک 80 هزار رپيا ڪيش ڦر ڪري فرار ٿي ويا. اطلاع تي پوليس پهچي متاثر دڪاندارن کان ڦر بابت معلومات وٺي هلي وئي ڏوهارين خلاف ڪارروائي نه ٿي. هتان جي واپارين ۽ شهرين چيو آهي ته غير محفوظ ٿي ويا آهيون، ڏوهارين خلاف ڪارروايون ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.