سنڌي ٻٽڙا (ن پ ا) سنڌي ٻٽڙا لڳ ڳوٺ ڪلرائي کوسہ ۾ جمالي ۽ کوسا برادرين جي ٻن ڌرين ۾ ٻارن جي معمولي ڳالھه تان جهيڙو ٿي پيو، جھيڙي دوران بندوق ۽ رپيٽرن جي سڌي فائرنگ سبب جمالي برادري جا نظير ۽ غلام قادر جمالي سخت زخمي ٿي پيا. زخمين جي وارثن جو چوڻ هو ته کوسا برادري جي ھٿياربند جوابدارن حاجي خان کوسو محمد بخش، اعجاز سبحان،احسان، حب علي کوسو ۽ ٻين اسان جي گھرن تي ڪاھ ڪري گھر اندر داخل ٿي بندوقن ۽ رپيٽرن جا سڌا فائر ڪري نظير ۽ غلام قادر جمالي کي بندوق جا فائر ھڻي زخمي ڪري وڌو آھي، ٻئي پاسي سنڌي ٻٽڙا پوليس انچارج جو چوڻ آهي ته جوابدارن تي اين سي داخل ڪئي وئي جلد ئي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو جڏهن ته ٻئي پاسي پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن.