اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ 2005ع ۾ زلزلي سبب متاثر ٿيل علائقن جي بحالي بابت ايرا جي رپورٽ کي غير تسلي بخش قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو ۽ ايرا کان سندن شروع ڪيل منصوبن جي تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي، ڪالهه چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ خيبر پختونخوا جي زلزلي متاثر علائقن ۾اسڪولن جي تعمير نه ٿيڻ متعلق پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، چيف جسٽس عدالت ۾ موجود ايرا جي چيئرمين کان پڇيو ته 2005ع کان هن وقت تائين ايرا زلزلي متاثر علائقن ۾ 540 اسڪول تعمير ڇو نه ڪري سگهيا آهيو، ايرا کي مليل 250 ارب ڪٿي خرچ ٿيا؟، زلزلي سٽيل ماڻهن جي مدد پوري قوم ڪئي هئي، ايرا ڪهڙو ڪم ڪيو آهي؟، زلزلي متاثر علائقن ۾ ڪراچي کان به ماڻهن امداد موڪلي، ماڻهن حج لاءِ گڏ ڪيل رقم به زلزلي سٽيل متاثرن کي ڏني پر افسوس آهي جو انهن علائقن ۾ اڄ به اسڪول کليل آسمان هيٺان هلي رهيا آهن، اسڪولن کي ته ٻن سالن ۾ ٻيهر تعمير ٿي وڃڻ گهرجي ها پر افسوس جو ائين ناهي ٿيو، چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته انهن علائقن ۾ مثالي ترقي ٿيڻ گهرجي ها، ڪي پي ڪي جي ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي ٻڌايو ته صوبائي حڪومت ٻن مهينن اندر 148 اسڪول تعمير ڪري فعال ڪري ڇڏيا آهن، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اسڪول ته هاڻي تعمير ٿيا آهن 16 سالن کان ٻار ڇا ڪري رهيا هئا، ٻار اسڪول نه هجڻ سبب گهرن کان ڀڄي نڪري ويا هوندا، هن وقت جيڪي اسڪولن جون عمارتون ٺاهيون ويون آهن اهي 6 مهينن ۾ ڪري پونديون، اسان کي ٻارن ۽ استادن جون زندگيون خطري ۾ لڳي رهيون آهن، جسٽس مظهر عالم ميان خيل ريمارڪس ڏيندي چيو ته انهن علائقن ۾ دهشتگرد ٺيڪيدارن کان ڀتو گهري رهيا هئا، جنهن سبب ٺيڪيدار ڪم ڇڏي ڀڄي ويا آهن، چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪي پي ڪي ۾ ڪرپشن ايتري آهي جو عوام کي ڪجهه به فائدو نه ٿو ملي، ڪي پي ڪي جي چيف سيڪريٽري عدالت آڏو چيو ته ٺيڪيدارن کان ڀتو گهرڻ واري مامري جو مون کي علم ڪونهي، جنهن کان پوءِ عدالت ٻڌڻي هڪ مهيني تائين ملتوي ڪندي انهن علائقن ۾ موجود سمورن علائقن ۾ موجود اسڪولن کي سيڪيورٽي ۽ بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ۽ ايرا جي رپورٽ کي رد ڪندي ٻيهر تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي.