اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) ارسا جي ايڊوائيزري (صلاحڪاري) ڪاميٽي جو اجلاس اڄ خميس 30 سيپٽمبر تي ٿيندو، جنهن ۾ سڀاڻي پهرين آڪٽوبر کان شروع ٿيندڙ ربيع سيزن لاءِ صوبن وچ ۾ پاڻي ورڇ جو حتمي فيصلو ٿيندو، 24 سيپٽمبر تي ارسا جي ٽيڪنيڪل ( فني) ڪاميٽي جي ٿيل اجلاس ۾ ربيع سيزن دوران 20 کان 23 ايم اي ايف پاڻي موجودگي جو ڪاٿو لڳايو ويو هو، منگلا ۽ تربيلا ڊيمن ۾ ساڍا 7 کان 8 ايم اي ايف پاڻي موجود هوندو، فني ڪاميٽي ربيع سيزن دوران پاڻي کوٽ 25 کان 30 سيڪڙو ٿيڻ جو اندازو لڳايو هو ، اجلاس ۾ سنڌ پاران سالياني بندي لاءِ ڪوٽڙي بئراج 26 جنوري کان 10 ڊسمبر ۽ سکر بئراج 6 کان 20 جنوري تائين بند ڪرڻ جو پلان پيش ڪيو ويو هو، ٽيڪنيڪل ڪاميٽي جي اجلاس ۾ تربيلا جي ٽئين، چوٿين ۽ پنجين توسيعي منصوبن جي تعميري پلان جي اجازت ڏيڻ جي صوبن هڪ آواز ٿي مخالفت ڪئي هئي، سنڌ سوڌو چئني صوبن جي نمائندن موقف اختيار ڪيو هو ته واپڊا جي ترجيح رڳو توانائي (بجلي پيداوار) جا منصوبا آهن، پاڻي فراهمي جي حوالي سان صوبن جا مسئلا بجلي پيداوار جي منصوبن کان وڌيڪ اهم آهن، ٽيڪنيڪل ڪاميٽي انهي مامري کي اڄ ايڊوائيزري ڪاميٽي جي اجلاس ۾غور هيٺ آڻڻ تي اتفاق ڪيو هو.

ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ سرڪار ارسا جي اڄ ٿيندڙ ايڊوائزري ڪاميٽي جي اجلاس لاءِ پنهنجون سفارشون تيار ڪري ورتيون، سنڌ حڪومت پاران پاڻي ورڇ 91ع ٺاهه بجاءِ تاريخي فارمولا تحت ڪرڻ جي صورت ۾ احتجاج جو فيصلو، تربيلا جي توسيع واري منصوبي کي پاور جنريشن ۾ تبديل ڪرڻ تي به اڄوڪي اجلاس ۾ اعتراض واريو ويندو. جڏهن ته سنڌ ميمبر پاران خريف جي مند ۾ پاڻي دير سان ڏيڻ سبب سنڌ جي زراعت تي پيل ناڪاري اثرن بابت ارسا جي ايڊوائزري ڪاميٽي جي اجلاس ۾ آواز اٿاريو ويندو. ان حوالي سان آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ارسا ربيع ۾ پاڻي ورڇ 91 ع ٺاھه بجاءِ تاريخي فارمولا تحت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته سنڌ حڪومت سخت احتجاج ڪندي، هن وڌيڪ چيوته 27 سيڪڙو کوٽ سڀني صوبن ۾ ورهائي وڃي، ٻئي طرف ارسا ۾ سنڌ ميمبر زاهد جوڻيجو “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو ته سسٽم ۾ موجود پاڻي جي ورڇ ۽ کوٽ کي 91ع ٺاھ تحت ئي قبول ڪنداسين، 91ع ٺاھ ۾ ڪو به فارمولا داخل ڪرڻ جي گنجائش موجود ناهي، هن چيو ته تربيلا جي توسيع واري منصوبي تي به اعتراض ڪيو ويندو، ان معاملن تي تفصيلي ڪيس تيار ڪيو آهي، جيڪو ارسا جي اڄوڪي اجلاس ۾ رکيو ويندو.