اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه جي پٽ فرخ شاهه کي ٽن ڏينهن اندر عدالت آڏو سرنڊر ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، سپريم ڪورٽ ۾ خورشيد شاهه جي پٽ فرخ شاهه گرفتاري کان اڳ ضمانت واري درخواست واپس ورتي جنهن بعد عدالت کيس ٽن ڏينهن اندر احتساب عدالت سرنڊر ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ٻڌڻي دوران فرخ شاهه جي وڪيل فاروق نائيڪ سوال اٿاريو ته نيب جاچ مڪمل ڪري ورتي فرخ شاهه کي گرفتار ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت؟ ملڪيت رکڻ ڪو ڏوهه ناهي. جنهن تي نيب جي وڪيل چيو ته فرخ شاهه جاچ ۾ سهڪار نه ڪيو، نيب اپريل 2020 کان فرخ شاهه جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري رکيا آهن، جسٽس سردار طارق رمارڪس ڏيندي چيو ته طلعت اسحاق ڪيس ۾ ضمانت جا پيراميٽرز طئي ٿي چڪا آهن ۽ عدالت ڪيس جي پيراميٽرز کان ٻاهر نٿي وڃي سگهي، نيب کي ضمني ريفرنس داخل ڪرڻو آهي، ٻڌايو ضمانت جي درخواست تي ميرٽ تي فيصلو ڪريون يا اوهان درخواست واپس وٺڻ چاهيو ٿا، فرخ شاهه جي وڪيل فاروق نائيڪ چيو ته درخواست واپس وٺون ٿا.