اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا ۽ محمد ميان سومرو وڏي وزير مراد شاهه جِي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته پ پ سرڪار پاڻ ته سنڌ ۾ ڪم نه ڪيو، ٻهراڙي لاءِ وفاقي اسڪيمز تي به اعتراض وارَي ڇڏيا، سنڌ جَي وڏي وزير کي تڪليف ٿي آهي ته وفاق پٺتي پيل علائقن لاءِ اسڪيمز ڇو ڏنيون؟ ڇا سنڌ جا پٺتي پيل علائقا پاڪستان جو حصو ناهن؟ وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي سنڌ ۾ 13 سالن تائين طاقتور حڪمراني ۽ بادشاهت ڪئي آهي، مخالفن کي به ڀِت سان لڳايو ويو، مراد علي شاهه ائين نه ڏيکارَي ته 18هين ترميم کانپوءِ رياست اندر رياست قائم ٿي وئي، سنڌ کي هڪ سال ۾ هڪ کرب مليو، ٻڌايو وڃي اُهو ڪٿي خرچ ٿيو؟ سنڌ جا حڪمران بدين جَي عوام کي ملندڙ پاڻيءَ جو هڪ ڍُڪ به ڀرين ته ڪيس تان هٿ کڻي وينداسين، هن چيو ته سنڌ ڪابينا جَي ميمبرز جو لائيف اسٽائيل ظاهر ڪيو ته خبر پئجي ويندي، سنڌ سرڪار چاهي ٿي ته وفاق سڄو پئسو اُن کي ڏئي ۽ احتساب به نه ٿئي، ٻڌايو وڃي ته سنڌ حڪومت ۾ ڪير غريب آهن، جيڪي اين ايف سي ۾ پٺتي پيل علائقن لاءِ مخصوص ڪيل رقم کائي ويا. هن چيو ته دادو جي اسڪولن ۾ مينهون ٻڌل آهن، هنن جا هر شهر ۾ محل آهن، جهازن ۾ سفر ڪن ٿا، مريضن کي ٽريڪٽر ٽرالين تي اسپتال پهچايو وڃي ٿو، سنڌ اندر منشيات هلي رهي آهي، ان موقعي تي وفاقي وزير محمد ميان سومرو چيو ته ڳوٺن تي حملا ٿين ٿا، ڀتاخوري حد کان وڌي وئي آهي،جيڪب آباد ۾ اسپتالن جي حالت تمام گهڻي خراب آهي، سنڌ جي پڇڙي جي علائقن ۾ پاڻي نه ٿو پهچي، پي ٽي آءِ حڪومت ڪنهن به صوبي جي ٻهراڙي جي علائقن کي نظر انداز نه ڪندي.