ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ نان گزيٽيڊ ايمپلائيز گرينڊ الائنس پاران 13 نقاطي مطالبن جي مڃتا لاءِ پريس ڪلب کان وزيراعليٰ هائوس ڏانهن مارچ جي ڪوشش، پوليس مظاهرين کي شاهين ڪامپليڪس وٽ روڪي ورتو، پوليس ۽ مظاهرين ۾ چڪريون، لٺبازي، ٽن ڪلاڪن تائين آءِ آءِ چندريگر روڊ کان سي ايم هائوس ڏانهن ويندڙ شاهراھ بلاڪ ٿي وئي، چيف سيڪريٽري ملازمن جي مطالبن جو جائزو وٺڻ لاءِ گھرو کاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري جي سربراهي ۾ 8 سيڪريٽرين تي ٻڌل اعليٰ سطحي ڪاميٽي جوڙي ڇڏي، 5 ملازم اڳواڻ به ڪاميٽي ۾ شامل ڪيا ويا. ان حوالي سان ڪالهه 26 تنظيمن تي ٻڌل سنڌ نان گزيٽيڊ ايمپلائيز گرينڊ الائنس پاران نظر جلالاڻي، اشرف خاصخيلي، اشرف بوزئي، انتظار ڇلڳري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ملازمن پگھارن ۾ 25 سيڪڙو واڌ، مڪاني ادارن واري کاتي جي ملازمن جون پگھارون ٽريزري ذريعي جاري ڪرڻ، سن ڪوٽا بحال ڪرڻ، ملازمن کي گروپ انشورنس جي رقم سندن حياتي ۾ ئي رٽائرمينٽ وقت جاري ڪرڻ سميت ٻين 13 مطالبن جي مڃتا لاءِ پريس ڪلب کان وزيراعليٰ هائوس طرف مارچ ڪيو، جنهن ۾ مختلف کاتن جي سوين ملازمن ۽ عورتن پاران شرڪت ڪئي وئي. پوليس اٽالن احتجاجي مارچ کي شاهين ڪامپليڪس وٽ روڪي مٿن لٺبازي ڪئي، جڏهن ته وزيراعليٰ هائوس ڏانهن ويندڙ رستا سيل ڪري ڇڏيا. جنهن بعد ملازمن شاهين ڪامپليڪس وٽ ٽن ڪلاڪن تائين ڌرڻو هنيو. ملازمن جي لاڳيتي احتجاج بعد چيف سيڪريٽري ممتاز شاھ ملازم اڳواڻن کي ڳالهين لاءِ گھرائي کين خاطري ڪرائي ته سندن جائز مطالبا منظور ڪيا ويندا، انهي لاءِ چيف سيڪريٽري پاران گھرو کاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري عثمان چاچڙ جي سربراهي ۾ 8 سيڪريٽرين تي ٻڌل اعليٰ سطحي ڪاميٽي پڻ قائم ڪري ڇڏي، جنهن جو سروسز کاتي پاران نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف ملازم اڳواڻ نظر جلالاڻي جو چوڻ هو ته چيف سيڪريٽري پاران ملازمن جي پگھارن ۾ ٻين صوبن وانگر 25 سيڪڙو واڌ ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي آهي، سندن ٻين مطالبن جي جائزي لاءِ به اعليٰ سطحي ڪاميٽي ٺاهي وئي آهي، اڳواڻن چيو ته چيف سيڪريٽري اها به خاطري ڪرائي آهي ته وزيراعليٰ سيد مراد علي شاھ جي آمريڪا مان واپسي تي سندن ٻيا مطالبا منظور ڪيا ويندا. اسان اهڙي خاطري تي ڌرڻو ختم ڪيو آهي. اڳواڻن چيو ته جيڪڏهن هفتي اندر مطالبا منظور نه ٿيا ته ٻيهر ڌرڻو هنيو ويندو.