حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي لطيف آباد واري علائقي ۾ ٽرين جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار فوت ٿي ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته لطيف آباد پوڻا 7 نمبر واري پل هيٺان 35 سالن جو عدنان ريل جي پٽڙي ڪراس ڪري رهيو هو ته راولپنڊي کان ڪراچي ويندڙ شاهه حسين ايڪسپريس کيس ٽڪر هنيو، جنهن سبب هو ٿڏي تي فوت ٿي ويو. پوليس پهچي فوتي نوجوان جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ۽ بعد ۾ پوليس اهو لاش وارثن حوالي ڪيو. شاهدن جو چوڻ آهي ته نوجوان گرمي سبب پل هيٺان ڊائون ٽريڪ تي ريل گاڏي جي پٽڙين تي ويٺل هو جنهن دوران کيس ٽڪر لڳو. پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان موٽرسائيڪل تي پٽڙي ڪراس پئي ڪئي ان دوران موٽرسائيڪل جو اڳيون حصو پٽڙي ۾ ڦاسي پيو ۽ گاڏي ٻاهر ڪڍندي نوجوان ٽرين هيٺان اچي ڪٽجي فوت ٿي ويو. علائقي ۾ اهي به افواهه هئا ته مڇريل ماڻهن ريل گاڏي جي سامهون پٽڙي تي بيهڻ جي ڪوشش ڪئي هئي جنهن دوران ڪجهه دير لاءِ ريل گاڏي کي پڻ روڪيو ويو. پر پوليس ان ڳاله جي ڪا به تصديق نه ڪئي هئي.