ڪرمپور (ن پ ا) ڪرمپور ڀرسان ٻه هفتا اڳ هٿياربندن هٿان عورتاڻي آواز تي هرکجي ٺٽي ضلعي جي گهوڙا ٻاري شهر واسي ڳوٺاڻي محمد صديق شورو کي پوليس اڃا تائين بازياب نه ڪرائي سگهي آهي، مغوي جي ڀاءُ محمد خان شورو جو چوڻ آهي ته سندس ڀاءُ ڳڙھي تيغو جي ڪچي ۾ قيد آهي، ڌاڙيل 30 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو آهي، هن چيو ته اسان ڪڏهن اهو علائقو ڏٺو ئي ناهي، ڪرمپور اچڻ کان به خوف ٿئي ٿو، وارثن مغوي کي بازياب ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو.