حيدرآباد (بيورو رپورٽ) مارڪيٽ واري علائقي ۾ 7 سالن جي نينگري زالا قريشي جي قتل واري معاملي تي ڌرين ۾ ٻيهر سخت ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي آهي. نينگري جي والد فيصل قريشي پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل نينگري جي قاتل اسامه قريشي جي ڀاءُ کي گوليون هڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو آهي. اطلاع تي پوليس پهچي زخمي اويس قريشي کي علاج لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو. واقعي بعد زخمي جي وارث عورتن ٿاڻي آڏو احتجاج ڪيو جنهن بعد مارڪيٽ پوليس جوابدار فيصل قريشي کي ٽي ٽي پستول سميت گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي. ان حوالي سان ايس ايچ او مارڪيٽ محمد خان برهماڻي جو چوڻ آهي ته ڪجهه عرصو اڳ جوابدار اسامه قريشي 7 ورهين جي نينگري زالا قريشي کي زيادتي جي ڪوشش دوران قتل ڪيو هو جنهن جي پلاند ۾ سندس والد مارجي ويل جوابدار جي ڀاءُ کي گوليون هنيون آهن. هن چيو ته قانون ڪنهن کي به هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه آهي ان ڪري واقعي ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هوڏانهن زخمي جي حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي. اسپتال انتظاميا جو چوڻ آهي ته کيس 3 گوليون لڳيون آهن جنهن ڪري سندس آپريشن ڪيو ويندو. زخمي جي وارث عورتن جو چوڻ آهي ته سندن ڀاءُ اسامه قريشي کي اڳ ئي پوليس ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪيو ۽ هاڻي نينگري جو والد سندن ٻئي ڀاءُ اويس قريشي کي قتل ڪرڻ لاءِ گوليون هنيون جنهن دوران هو زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ مبتلا آهي. متاثر عورتن ايس ايس پي کان مطالبو ڪيو ته جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري کيس جيل اماڻيو وڃي.