ڪيليفورنيا(انٽرسٽنگ نيوز) نه پينسل نه برش، آمريڪي شخص زبان سان پينٽنگ ڪرڻ لڳو اهي. ان ڏس ۾ 3.97 انچ ڊگهي زبان رکندڙ ڪيليفورنيا جو شهري نِڪ اسٽولبرل هڪ مارننگ شو ۾ پنهنجي زبان سان مهارت سان پينٽنگ ڪري ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيو. ان ڏس ۾ نِڪ جو چوڻ آهي ته هو ڪينواس تي ڪجهه ٺاهڻ کان اڳ پنهنجي زبان کي پلاسٽڪ سان ڍڪي ڇڏي ندو آهي. هن ٻڌايو ته سندس تصويرون 1200 ڊالرن تائين وڪامجن ٿيون. ڄاڻايل پروگرام ۾ ڪيل سندس پينٽنگ جي وڊيو رڪارڊنگ وائرل ٿي آهي، جنهن کي ماڻهن تمام گهڻو پسند به ڪيو آهي.