جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي مولاداد ٿاڻي جي حد ڳوٺ تاج جکراڻي ۾ جوابدار فريد مندراڻي ڪارنهن تان نوجوان سيوا خان مغيري کي گولي هڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو، جڏهن ته پنهنجي زال زربانو کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته عورت پناهه لاءِ ٿاڻي پهتي.نوجوان کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان وارث ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي کڻائي ويا. پوليس موجب فريد مندراڻي ڪارنهن تھمت ھيٺ گهرواري ۽ نوجوان کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، گولي لڳڻ سبب نوجوان مرڻينگ ٿي پيو، سندس زال ٿاڻي تي پناهه ورتي آهي، عورت کي عدالت ۾ پيش ڪبو.