حيدرآباد (بيورو رپورٽ) آل سنڌ روينيو ايمپلائيز ايسوسيئيشن سنڌ جي سڏ تي قاسم آباد تعلقي جي مختيارڪار الطاف ڪوريجو تي حملي ۽ ڪيس داخل ڪرڻ واري عمل خلاف روينيو ملازمن اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار آفيسن جي تالابندي ڪري شهباز بلڊنگ آڏو سيد سردار علي شاهه جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي سيد سردار علي شاهه چيو ته هڪ ڏينهن اڳ عدالت ۾ پيشي بعد واپس ايندڙ مختيارڪار الطاف ڪوريجو سان ناانصافي ڪئي، جنهن واقعي جو ڪينٽ پوليس ٻن وڪيلن آصف ابڙو ۽ راشد وساڻ خلاف ڪيس به داخل ڪيو آهي پر پوليس ڪيس ۾ نامزد وڪيلن خلاف ڪا ڪارروائي ناهي ڪئي، ۽ هاڻي پوليس وڪيل جي فرياد تي مختيارڪار ۽ سندس عملي سميت 4 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته  مختيارڪار تي تشدد ڪندڙ وڪيلن کي گرفتار ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ اڄ هو سڄي سنڌ ۾ روينيو آفيسن جي تالابندي ڪري پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا. هوڏانهن هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي سڏ تي وڪيلن پاران عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو، هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري الطاف سچل اعواڻ ۽ سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر اياز تنيو جي اڳواڻي ۾ ڌار ڌار احتجاجي مظاهرو ڪري مختيارڪار خلاف سخت نعريبازي ڪئي. وڪيل اڳواڻن چيو ته مختيارڪار سڌي ريت ڪرپشن خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي لاءِ اينٽي ڪرپشن جي ڪورٽ پهتو هو ان ۾ وڪيلن جو ڪو ڏوهه نه آهي پر تنهن باوجود هن بنا جواز پنهنجي عملي سان گڏجي وڪيلن کي گارگند ڪري کين موتمار ڌمڪيون ڏنيون آهن. واقعي جو ڪيس ڪينٽ ٿاڻي تي مختيارڪار سميت چئن ڄڻن خلاف داخل ڪرايو ويو آهي ان لاءِ پوليس فوري طور تي مختيارڪار ۽ ٻين کي گرفتار ڪري. وڪيلن چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو ته هو معاملي جو نوٽيس وٺي ته جيئن وڪيلن خلاف داخل ڪوڙو ڪيس پوليس خارج ڪري.