پنگريو (ن پ ا) پنگريو ۾ رٽائرڊ استاد تي تشدد ڪري مرڻينگ ڪرڻ وارو معامرو، ان ڏس ۾  ميمڻ پاڙي  ۾ رٽائرڊ استاد محمد ھاشم ملاح ھوش ۾ اچڻ بعد ذھني توازن وڃائي ويٺو، گھر ڀاتين سميت خيرآفيت پڇندڙن کي صرف اھيو چوي ٿو ته مون کي نه ماريو،  اھڙي تشدد جي واقع جو آءِ  جي سنڌ غلام نبي ميمڻ نوٽيس وٺندي  ايس ايس پي بدين کان پڇاڻو ڪري جاچ جي ھدايت ڪئي، ھوڏانھن ايس ايچ او پنگريو کان فون تي آءِ جي سنڌ واقع جا تفصيل پڻ ورتا ۽ ڪيس داخل ڪري جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ان حوالي سان   تشدد جو نشانو بڻجندڙ استاد محمد ھاشم ملاح جي پٽ سجاد علي ملاح پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته منھنجي والد تي نامعلوم ماڻھن جي تشدد ڪري بيھوش ڪرڻ جو آءِ جي سنڌ  نوٽيس وٺڻ بعد  پنگريو پوليس رابطو ڪري ڪيس داخل ڪرڻ جو چيو آھي، اسان جي ڪنھن سان به دشمني ناهي،  والد جو ذھني توازن تشدد بعد   درست نه رهيو آهي،   جنھن ڪري پوليس کي چيو آهي ته جاچ ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي. ٻي طرف پوليس موجب ته  شڪي ماڻھن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي،  جلد جوابدارن تائين پهچي وينداسين. ياد رهي ته   گذريل رات چوري جي ارادي سان گهر ۾ گهڙيل جوابدارن رٽائر استاد محمد ھاشم ملاح تي سخت تشدد ڪري فرار ٿي ويا هئا.