ميرپورخاص (بيورورپورٽ) ميرپورخاص لڳ چنگچي رڪشا شاخ ۾ ڪلٽي، 2 ڄڻا فوت، لاش هٿ، خبر موجب گذريل رات دير سان ٻير موري وٽ چنگچي رڪشا ڪلٽي ٿي شاخ ۾ ڪري پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ سعيد خان لاشاري واسي 2 پورهيت 45 سالا محمد خان لاشاري ۽ 42 سالا ولي حسين لاشاري چنگچي رڪشا هيٺان اچڻ سبب چيڀاٽجي ٿڏي تي فوت ٿي ويا، فوتين جا وارث سندن ڳولا ڪندا رهيا پر هنن جو ڪو به ڏس پتو پئجي نه سگهيو،  5 ڪلاڪن بعد کين رڪشا شاخ ۾ ڪلٽي ٿيڻ جو اطلاع مليو، جنهن بعد هنن پهچي ٻنهي پورهيتن جا لاش شاخ مان ڪڍي ورتا، پوليس پورهيتن جا لاش سول اسپتال ميرپورخاص منتقل ڪيا، جتان ضروري ڪاروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا، فوتين جا مڙهه اباڻي ڳوٺ گهر آندا ويا ته ڪهرام مچي ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته پورهيت ٽريڪٽرن جي گوبل جو ڪم ڪندڙ هئا، جيڪي رات جو ڪم ڪري گهر وڃي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو.