حيدرآباد: نوجوان کي قتل ڪندڙ ٻن ڀائرن کي ڦاهي جي سزا

0
400
حيدرآباد: نوجوان کي قتل ڪندڙ ٻن ڀائرن کي ڦاهي جي سزا
حيدرآباد: نوجوان کي قتل ڪندڙ ٻن ڀائرن کي ڦاهي جي سزا

حيدرآباد(ن پ ا)  ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ نوجوان کي اغوا بعد قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 2 ڀائرن کي ڦاهي جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

فرسٽ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت جوابدار سيد محمد زبير ۽ سندس ڀاءِ محمد علي کي ڦاهي جي سزا سان گڏ کين  2,2 لک رپيا ڏنڊ ادا ڪرڻ جو به حڪم ڏنو.

سٽي پوليس 2010ع ۾ نوجوان حسام قائمخاني کي اغوا بعد قتل ڪرڻ جو ڪيس ٽن ڀائرن خلاف داخل ڪيو هو.

ڪيس ۾ نامزد جوابدار شريف ڪاليه ڪجه عرصو اڳ جيل ۾ فوت ٿي ويو هو.