سنڌ ۾ اسڪول  وڌيڪ هڪ هفتو بند رکڻ جو اعلان!

0
443

ڪراچي: سنڌ حڪومت صوبي ۾ اسڪول وڌيڪ هڪ هفتي لاءِ بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچي ۾ هڪ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سنڌ جا اسڪول وڌيڪ هڪ هفتي تائين نه کوليا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته استادن ، عملي ۽ والدين کي هن هڪ هفتي ۾ ويڪسينيشن ڪرائڻ گهرجي. مراد علي شاهه چيو ته اسڪول جي استادن ۽ شاگردن جي والدين کي پڻ پنهنجو ويڪسين سرٽيفڪيٽ ڏيکارڻو پوندو. ياد رهي ته ان کان اڳ  سنڌ حڪومت سومر 23 آگسٽ کان اسڪول ٻيهر کولڻ جو فيصلو ڪيو هو ، پر هاڻي سنڌ جي وڏي وزير جي نئين اعلان کانپوءِ اسڪول 30 آگسٽ کان ٻيهر کوليا ويندا.