حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ منشيات ڪيس ۾ ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي جوابدار کي بري ڪري ڇڏيو، فورٿ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جوابدار منصور احمد کي ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي بري ڪيو. 2020ع دوران ٽنڊو ڄام ٿاڻي جي پوليس جوابدار کي 2 ڪلو چرس سميت گرفتار ڪيو هو. ابتدائي طور جوابدار گرفتاري بعد ڪيس مان ضمانت ڪرائي هئي. شنوائي دوران وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد عدالت ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي کيس بري ڪري ڇڏيو آهي.