عمرڪوٽ (رپورٽر) عمرڪوٽ ڀرسان ڳوٺ روحل واهه واسڻ شريمتي نرملا ڪولهي پنهنجي ٻارن جي بازيابي لاءِ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته 9 سال پهرين منهنجي شادي ڳوٺ منظور پلي واسي گيانچند ڪولهي سان ٿي هئي منهنجو مڙس گيانچند ڪولهي هڪ موالي قسم جو ماڻهو آهي شراب پي مونکي مارڪٽ ڪندو هو ۽ منهنجي کائڻ لاءِ ماني به بند ڪري ڇڏي هئي منهنجي مڙس مونکي هڪ سال پهرين شراب پي تشدد ڪري گهران ڪڍي ڇڏيو ۽ منهنجا ٻه ٻار به روڪي ويٺو آهي مون سان ملڻ به نه ٿو ڏنو وڃي. هن وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ته منهنجا ٻئي ٻار بازياب ڪرائي منهنجي حوالي ڪيا وڃن، اهڙي ڏنل درخواست تي سيشن جج عمرڪوٽ جي عدالت صوفي فقير ٿاڻي جي پوليس کي نوٽيس جاري ڪندي گيانچند ڪولهي ۽ ٻنهي ٻارن کي بازياب ڪرائي 29 تاريخ تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.