خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ ايس ايس پي هائوس ڀرسان رهندڙ پيرسن حليمان زال محمد حسن ڦلپوٽو خيرپور جي عدالت ۾ پوليس اهلڪار خادم سهاڳ، سڪندر سولنگي ۽ ٻين اهلڪارن مٿان گهر ۾ گهري، ڀاتين کي يرغمال بڻائي،سونا زيور ۽ روڪ رقم ڦرڻ جي الزام هيٺ عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائيندي عدالت کي استدعا ڪئي آهي ته جوابدار پوليس اهلڪارن مٿان ايف آءِ آر داخل ڪري کيس انصاف فراهم ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج الطاف حسين دايو جي عدالت سندس درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي واقعي ۾ ملوث ڄاڻايل اهلڪارن خلاف نوٽيس جاري ڪندي کين عدالت ۾ طلب ڪري ورتو آهي.