لاهور(اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم جا ڪيترائي مشهور رانديگر ڊوميسٽڪ سينٽرل ڪانٽريڪٽ کان محروم ٿي ويا آهن، جڏهن ته فاسٽ بالر محمد عامر کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪانٽريڪٽ ملي ويو آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ رانديگرن جي ڊوميسٽڪ ڪانٽريڪٽ جو اعلان ڪيو آهي، ڪرڪيٽر وهاب رياض، محمد حفيظ، ڪامران اڪمل ۽ عمر اڪمل ڊوميسٽڪ ڪانٽريڪٽ ۾ شامل نه آهن. اڳوڻي بالنگ ڪوچ وقار يونس سان اختلافن سبب ڪرڪيٽ کي خير آباد چونڊر فاسٽ بالر محمد عامر کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڊوميسٽڪ سينٽرل ڪانٽريڪٽ ملي ويو آهي.

ڊوميسٽڪ سينٽرل ڪانٽريڪٽ اي پلس ڪيٽيگري ۾ عبدالله شفيق، خوشدل شاهه، نسيم شاهه ۽ صهيب مقصود سميت 10 ڪرڪيٽرز شامل آهن، جڏهن ته محمد عامر، شرجيل خان، محمد وسيم جونيئر ۽ شان مسعود سميت 40 ڪرڪيٽرز اي ڪيٽيگري ۾ شامل آهن. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چوڻ آهي ته ڪجهه سينئير رانديگرن گذريل سال به ايونٽس جي حساب سان ڪانٽريڪٽ حاصل ڪيو، وائٽ بال ۽ ريڊ بال ڪرڪيٽ کيڏندڙ رانديگرن کي ڪيٽيگريز ۾ ورهايو ويو آهي.