جي ڊي اي ۽ جي يو آءِ جي قافلن کي ڪراچي ٽول پلازه وٽ روڪيو ويو، ڌرڻا

0
53
جي ڊي اي ۽ جي يو آءِ جي قافلن کي ڪراچي ٽول پلازه وٽ روڪيو ويو، ڌرڻا
جي ڊي اي ۽ جي يو آءِ جي قافلن کي ڪراچي ٽول پلازه وٽ روڪيو ويو، ڌرڻا

ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي/ناز شر) سنڌ اسيمبلي آڏو ڌرڻو هڻڻ لاءِ پهتل جي ڊي اي ۽ جي يو آءِ جي قافلن کي ڪراچي ٽول پلازه وٽ روڪيو ويو، جي يو آءِ اڳواڻ راشد محمود سومرو جا پوليس آفيسرز سان ڏند چڪ

راشد محمود سومرو جي اڳواڻيءَ ۾ مظاهرين ٽول پلازه وٽ ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، جي ڊي اي جون ڪارڪن عورتون به ٽول پلازه وٽ ڌرڻو هڻي ويهي رهيون

 ڌرڻي سبب ڪراچي حيدرآباد موٽر وي تي ٽريفڪ معطل، راشد محمود سومرو چيو آهي ته پرامن احتجاج اسان جو حق آهي، آءِ جي سنڌ ٻڌائي ته ڪهڙي قانون تحت اسان کي روڪيو ويو آهي

جڏهن ته سنڌ اسيمبلي ٻاهران احتجاج ڪندڙ ڪارڪنن تي لٺبازي،ڪيترائي ڪارڪن گرفتار  ڪيا ويا، ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي، مختلف علائقن ۾ پڻ ڌرڻا هنيا ويا

ٺٽو کان ڪراچي ايندڙ جي يو آءِ جي قافلي کي پوليس سسئي  ٽول پلازا وٽ روڪي ڇڏيو، جي يو آءِ ڪارڪنن جو  ٺٽو-ڪراچي روڊ تي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل ٿي وئي

ڪراچي ٽول پلازه وٽ جي يو  آءِ مرڪزي اڳواڻ مولانا  راشد محمود سومرو جي اڳواڻي ۾ جي يو آءِ ڪارڪنن ڌرڻو هنيو، ٽريفڪ معطل ٿي وئي

ڪراچي ٽول پلازا وٽ ڌرڻي سبب ڪراچي ۽ حيدرآباد ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي ، جي يو آءِ ڪارڪنن پاران ڪارساز وٽ ڌرڻو هنيو ويو، ٽريفڪ معطل ٿي وئي

هي به پڙهندا

سنڌ اسيمبلي آڏو ڌرڻو هڻڻ لاءِ پهتل جي ڊي اي ۽ جي يو آءِ ڪارڪنن تي لٺبازي، گرفتاريون