لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) جمعيت علماءِ اسلام ضلعي لاڙڪاڻي جي امير مولانا ناصر  خالد محمود سومرو چيو آهي ته پيپلز پارٽي جو ٽريڪٽر ٽرالي مارچ ھاري،مسڪينن، غريبن ۽ مزدورن سان مذاق آهي،جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پيپلز پارٽي طرفان ڪڍيل ٽريڪٽر ٽرالي مارچ ھارين سان ھمدردي جو اظھار نه بلڪي انھن جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ برابر آھي، سنڌ ۾ ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ سازش آھي، پيپلزپارٽي جا چونڊيل نمائندا پنھنجي زمينن کي ڀاڻ سان سيراب ڪري ويا،پر عام هاري ڀاڻ جي ھڪ ٻوري جي لاءِ پريشان آھن.