جيڪب آباد (رپورٽر)  جيڪب آباد جي صدر ٿاڻي جي حد گل رائيس مل وٽ چنگچي رڪشا ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر ٿي جي نتيجي ۾ ميرپور ٻرڙو واسي کٿابي22 ورهين جو منصب علي ٻروڙو ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏهن  ته ٻيا ساٿي عابد علي، فدا حسين، زبير احمد، غلام مرتضيٰٰ ۽ سليمان زخمي ٿي پيا،  لاش ۽ زخمين کي رستي وارن سول اسپتال منتقل ڪيو ويو اطلاع تي وڏي انگ ۾ مدرسي جا کٿابي ۽ استاد اسپتال پهچي ويا فوتي جو لاش ضروري ڪارروائي بعد حوالي ڪيو ويو جڏهن ته زخمين کي طبي امداد ڏني وئي زخمي ٿيل کٿابي جو چوڻ آهي جيڪب آباد جي ڊکڻ محلا جي مدرسي ۾ پڙهندا آهيون ڳوٺ مبارڪپور طرف وڃي رهيا هئاسين ته حادثو پيش آيو جنهن ۾ ھڪ ساٿي فوت ٿي ويو آهي.