باقراڻي (ن پ ا) باقراڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ دولت کوکر ۾ ھٿياربندن ھٿان سڱاوتي تڪرار تان قتل ٿيل خادم شاهاڻي جو  مڙھ جنازي نماز بعد مقامي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، واقعي جو قتل ڪيس مقتول جي ڀاءُ شاھد شاهاڻي جي فرياد تي باقراڻي ٿاڻي تي جوابدار عرفان پٽ امداد زنگيجو جتوئي ، عمران پٽ امداد زنگيجو جتوئي، عبدالله عرف بدن پٽ حيات زنگيجو جتوئي ۽ ھڪ نامعلوم جوابدار مٿان گناھ نمبر 47 /2021، ڏوھ قلم 302, 337 H 2, 148,149 ppc تحت داخل ڪيو ويو  ، جنهن ۾ فريادي موقف ڄاڻايو آهي ته عرفان زنگيجو جتوئي وارن سان سڱاوتي تڪرار هلندڙ آهي ، جوابدارن ٻن موٽر سائيڪلن تي سوار ٿي اسان جي ڀاءُ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.