ملير (رپورٽر) ملير سٽي پوليس ڪاروائي ڪندي هڪ شھري جي قتل جي ڏوهه ۾ ملوث ٻن ٽڪ ٽاڪرز سعيد احمد  ۽ فاضل علي کي گرفتار ڪڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ان ڏس ۾ ايس ايس پي ملير صحافين کي ٻڌايو ته ملير سٽي پوليس سي سي ٽي وي فوٽيجز ذريعي سڃاڻپ بعد ٻن ٽڪ ٽاڪرز سعيد احمد ۽ فاضل علي کي گرفتار ڪري ورتو آهي،  جوابدارن  23 ڊسمبر 2021 تي ملير جعفر تيار غازي چوڪ تي گهر ٻاهران بيٺل شهري قمر رضا مٿان فائرنگ ڪئي جنهن دوران هو زخمي ٿي پيو جنهن بعد زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، سيد عرفان بهادر وڌيڪ چيو ته ملير سٽي پوليس ٽيڪنيڪل بنيادن تي جاچ ڪري ڇاپو هڻي ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري واقعي ۾ استعمال ٿيندڙ پستول ۽ موٽر سائيڪل ھٿ ڪري ورتي آهي، جڏهن ته سندن وڌيڪ ٻن ساٿين جي ڳولا ڪئي پئي وڃي جڏھن ته گرفتار جوابدارن کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ هوڏانهن پوليس جوابدارن وٽان هٿ ٿيندڙ پستول فرانزڪ لاءِ اماڻي ڇڏيو آهي.