ڪنڊيارو (ن پ ا) ڪنڊيارو ويجهو ڳوٺ ڪوڙو سولنگي ۾ محمد امين سولنگي جي گهر جي ڀت ڌماڪي سان ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ باهه جي  چلهي تي ويٺل 3 نينگريون ۽ ٻه عورتون زخمي ٿي پيون، زخمين ۾ امينا، افسانه، فرزانا، سنيها ۽ نويده سولنگي شامل آھن، جن کي علاج لاءِ تعلقي اسپتال ڪنڊيارو آندو ويو، ٻن نينگرين جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي.