جيڪب آباد: صحت کاتي جي سيڪريٽريٽ ۾ بدلين جا ڪوڙا آرڊر جاري ٿيڻ جو انڪشاف

0
341

جيڪب آباد(ن پ ا) صحت کاتي جي سيڪريٽريٽ ۾ مبينا ڊاڪٽرن جي بدلين جا ڪوڙا آرڊر جاري ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، سول اسپتال جي ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر ارشاد گھنڃو پاران سيڪشن آفيسر خادم حسين جي صحي سان ايم ايس وٽ بدلي جا ٻه آرڊر جمع ڪرايا ويا، پھريان 19 جولائي تي بعد ۾ 16 جولائي تي مختلف آئوٽ ورڊ نمبرن سان بدلي جا ٻه آرڊر جمع ڪرايا ويا، جنهن بابت سول سرجن ٻنهي آرڊرن جي تصديق لاءِ سيڪريٽري صحت ڊاڪٽر ڪاظم جتوئي کي ليٽر لکي ڇڏيو، سول سرجن ڊاڪٽر انيس سنجراڻي جو چوڻ آهي ته 19 جولائي کان صحت کاتي ۾ بدلين ۽ مقررين تي پابندي پيل آهي ميڊيڪل آفيسر پاران پھريان 19 جولائي بعد ۾ 16 جولائي جو آرڊر جمع ڪرايو ويو ، ھڪ ئي ميڊيڪل آفيسر جي بدلي لاءِ ٻه آرڊر ملڻ بعد تصديق لاءِ سيڪريٽري صحت کي ليٽر لکيو ويو آهي.