سيالڪوٽ(م ڊ) پنجاب اسيمبلي جي تڪ پي پي 38 ۾ ٿيل ننڍي چونڊ ۾ تحريڪ انصاف ڪاميابي ماڻيندي نواز ليگ جي سيٽ به کٽي ورتي. تڪ جي سمورين پولنگ اسٽيشنن جي غير حتمي غيرسرڪاري نتيجن موجب پاڪستان تحريڪ انصاف جي نوجوان اميدوار احسن سليم بريار ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ نواز ليگ جي اميدوار چوڌري طارق سبحاني ٻئي نمبر تي ووٽ حاصل ڪيا. چونڊ تڪ جي نتيجن موجب احسن بريار 60 هزار 588 ووٽ حاصل ڪيا جڏهن ته طارق سبحاني 53 زهار 471 ووٽ کنيا. ڪاميابي ملڻ تي تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن جشن ملهايو. حڪومتي اڳواڻن حماد اظهر چيو ته جن پاڪستان مخالف بيان ڏيندڙن کي ڊرائنگ روم ۾ ويهاريو اڄ انهن کي سيالڪوٽ وارن رد ڪري ڇڏيو. 2018ع ۾ اهو تڪ نواز ليگ کٽيو هو، ٽن سالن بعد عوام پي ٽي آءِ جي حق ۾ فيصلو ڏنو. فرخ حبيب چيو ته سيالڪوٽ ۾ اسان جي ڪارڪنن جي محبت ساراهه جوڳي آهي، ڪارڪنن مريم صفدر سميت سموري مافيا جو غرور خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو. شهباز گل چيو ته الحمد الله سيالڪوٽ به ڪپتان جي حق ۾ فيصلو ڏئي ڇڏيو. پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار چيو ته اها ڪاميابي حڪومت جي عوام دوست قدمن جو نتيجو آهي. عثمان ڊار چيو ته نواز ليگ کي رياست مخالف بيانيو بند ڪرڻو پوندو، نه ته کين شڪست ئي ملندي.