نئين دهلي/واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي پرڏيهي وزير اينٽوني بلنڪن ڀارت کي جمهوري آزادي ۽ اقليتن تي ظلم بابت وارننگ ڏني آهي جڏهن ته پرڏيهي آفيس ۾ يهودي مخالف سرگرمين جي جاچ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڪالهه آمريڪي پرڏيهي وزير ڀارتي قيادت سان ملاقات ڪئي ۽ ملڪ ۾ جمهوريت کي خطري ۾ وجهڻ ۽ اقليتن تي حملن بابت وارننگ به ڏني. هن ملڪ جي اقليتن تي ٿيندڙ ظلمن تي ڳڻتي جو اظهار به ڪيو. ٻئي طرف آمريڪي پرڏيهي آفيس جي ويب سائيٽ تي يهودي مخالف نعره لکڻ تي هن ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ان جي جاچ ڪرائي ذميوارن کي سزا ڏياري ويندي. هن چيو ته اسان يهودين جي مخالفت کي رد ڪريون ٿا.