ٺٽو ( رپورٽر ) جنگشاھي پوليس  يوسي جنگشاھي جي سيڪريٽري ممتاز سمون جي نوجوان ڀاءُ شھباز سمون جي لاش کي پوليس موبائل ۾ کڻي جنگشاھي اسپتال ۾ ڇڏي رواني ٿي وئي. نوجوان جي لاش اسپتال ۾ ھجڻ واري اطلاع تي وڏي انگ ۾ نوجوان جا وارث عورتون اسپتال پھچي ويا. وارثن موجب جنگشاھي پوليس ڳوٺ علي محمد سمون ھاليجي ويجھو ھوٽل تان سندن نوجوان سان گڏ ٻين ڪجھه ماڻھن کي موبائل ۾ وجھي کڻي وئي ۽ بعد ۾ اطلاع مليو ته شھباز سمون جو لاش جنگشاھي اسپتال ۾ پوليس موبائل ذريعي کڻي موبائل اسپتال ۾ بيھاري لاش ڇڏي رواني ٿي وئي آھي. وارثن الزام هنيو ته پوليس تشدد ڪري سندن نوجوان کي قتل ڪيو آھي ۽ ملوث جنگشاھي پوليس اھلڪارن کي گرفتار نٿو ڪيو وڃي تيستائين ھو احتجاج جاري رکندا. اسپتال انتظاميه موجه نوجوان جو لاش آندو ويو. مڪلي ٿاڻي جي ايس ايچ او شوڪت درس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته کين پڻ اطلاع مليو آھي ھو جنگشاھي وڃن پيا جتي پھچڻ بعد صورتحال معلوم ٿيندي. ٺٽي جي ايس ايس پي ڊاڪٽر محمد عمران خان پاران جنگشاھي واقعي جي جاچ لاءِ سٽي ٺٽي جي دي ايس پي وقار ميمڻ جي اڳواڻي ۾ جاچ ڪاميٽي جوڙڻ سان گڏ جنگشاھي پوليس پوسٽ جي انچارج فيصل اعجاز ۽ پوليس اھلڪارن کي فوري طور تي معطل ڪري جاچ رپورت پيش ڪرڻ جون ھدايتون جاري ڪري ڇڏيون آھن. هوڏانهن ايس ايس پي جي ترجمان جي جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻائيندي چيو ويو آھي ته جنگشاھي پوليس 10 وڳي رات جو ھاليجي لنڪ روڊ تي غفور خاصخيلي ڳوٺ ويجھو جوا جي اڏي تي ڪاروائي ڪندي 4 جوارين کي گرفتار ڪيو پوليس پوسٽ جنگشاھي پھتي جتي شھباز سمون جي طبعيت خراب ٿي پئي جنھن کي بروقت جنگشاھي اسپتال آندو ويو جتي ڊاڪٽرن ٿوري دير بعد ٻڌايو ته شھباز سمون دل جي دوري پوڻ سبب مري ويو آھي.