واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا جي پرڏيهي کاتي چيو آهي ته پاڪستان ۾ انساني حقن جي صورتحال ۾ ڪا جوڳي تبديلي ناهي اچي سگهي، انساني حقن جون ڀڃڪڙيون وڌيون آهن. انساني حقن بابت سال 2023ع جي جاري ڪيل رپورٽ ۾ آمريڪي پرڏيهي کاتي چيو آهي ته غير رياستي عناصر انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۾ ملوث آهن. 2023ع ۾ پاڪستان ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ اضافو ٿيو.  رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ شهرين، پوليس ۽ فوج تي دهشتگرد حملا ڪيا پيا وڃن. پاڪستان ۾ سرحد جي هن پار کان دهشتگرد حملن ۾ سوين ماڻهو مارجي ويا آهن. پاڪستان عسڪريت پسندن، دهشتگردن خلاف ڪارروائيون ڪري رهيو آهي.  پر پاڪستان ۾ عدالت کان مٿاهن قتلن جا ثبوت مليا آهن. آمريڪي رپورٽ ۾ وڌيڪ چيوويو آهي ته پاڪستان ۾ سياسي ڪارڪنن ۽ انهن جي گھرڀاتين تي تشدد جا ثبوت مليا آهن. انساني حقن جي بهتري لاءِ جوڳا قدم ناهن کينا ويا. 9 مئي کان پوءِ اڳوڻي وزيراعظم سميت ڪيترن ئي ماڻهن تي ڪيس ڪي اويا آهن. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته 9 مئي واقعن تي دهشتگردي ڪيسن تي انساني حقن جي تنظيمن خدشا ڏيکاريا آهن. رپورٽ موجب اهم سياسي قيدين جي مقابلي ۾ عام سياسي ڪارڪنن کي جيل ۾ ڏکيايون آهن.  رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سماجي ۽ مذهبي عدم برداشت سان لاقانونيت وڌي آهي. ميڊيا تي پابنديون آهن ۽ صحافي گرفتار يا لاپتا ڪيا ويا. انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ايڪشن ناهي کنيو ويو.