ٻارن سان مُحبت ڪيو انهن سان وڙھو نه؟

مون اڪثر والدين کي ڏٺو آھي ته هو پنھنجي ٻارن سان مُحبت ڪندي ايتري حد تائين جو اُنھن تي ڪک به برداشت نه ڪندا آھن، سندن دنيا جي ھر خواھش پوري ڪندا آھن ۽ ٻارن کي به پوءِ پنھنجي والدين تي فخر ھوندو آھي. “ڪي وري اھڙا به والدين آھن جيڪي ٻارن کي ايتري حد تائين ذھني ٽارچر ڪندا آھن جو اُھي ٻار پنھنجي پيءُ سان ويهڻ به پسند ناھن ڪندا آھن، جڏھن توهان پنھنجي اولاد کي ذھني ٽارچر ڪندا آھيو ته  اُھي ڏک سک زندگي گذاري جڏھن وڏا ٿيندا آھن پاڻ ڪمائڻ ۽ مضبوط ٿيندا آھن ته پوءِ اوھان کان نفرت ڪرڻ شروع ڪندا آھن، ايتري حد تائين ويندا آھن جو توهان کي گمان به ناھي هوندو. ان وقت توهان نه اُنهن کي ذھني ٽارچر ڪري سگهو ٿا نه توھان کي ڪجھ چئي سگهو ٿا. اڪثر والدين چوندا آهن ته اسان جو پٽ نافرمان آھي، پُٽ ڪڏھن به پيءُ جو نافرمان ناھي ٿيندو، جڏھن ان کي ننڍڙي عمر ۾ ذھني تلڪيفون ياد اينديون آھن ته پوءِ ان کي ان جي پيءُ لاءِ محبت ناھي هوندي، ڇو جو اصل تعبيداري محبت ۾ آھي، جيڪڏھن پُٽ جو محبت پيءُ سان ھوندي ته اھو پنهنجو پاڻ پيءُ جو فرمانبدار رھندو، هميشه ننڍڙن کي مُحبت سان پيش اچو، محبت سان اُھي توهان جي ھميشه ويجھو ھوندا آھن، ڀلي ان جو عمر 50 سال ٿي وڃي، توهان جي محبت ان کي ھميشه ياد رهندي جيڪڏھن توهان ان کي ذھني ٽارچر داٻو ۽ خوف ڏيندا ته اُھي توهان کان ننڍڙي لاءَ کان نفرت شروع ڪندا پوءِ ڀلي توهان ان لاءِ جيترو مرو، اُھي توھان کان نفرت ڪندو ڇو ته جيڪو ان جي محبت ۽ دلاسن جو وقت ھيو ان وقت اوهان لاپرواهي ڏيکاري آھي، خدارا پنھنجي ٻارن کي ذھني تلڪيفون ڌڙڪا ۽ داٻا ڏيڻ بند ڪيو تاڪي توهان جي پوڙھائپ ۾ توهان جو فرمانبدار رھن، آمين.

محمد صديق کوسو/ ڳڙھي حسن

بند پيل يوسي

آفيس کوليو!‎

آگسٽ 2023 کان سنڌ اندر حلف کڻندڙ بلدياتي نمائندا اٺ مھينا گذرڻ باوجود ڪا خاطر خواهه ڪارڪردگي ناھن ڏيکاري سگھيا، انھن ئي نااھل نمائيندن مان ھڪ اسان جي يوسي انڙپور جو چيئرمين ۽ سيڪريٽري پڻ آھن جيڪي گذريل اٺن مھينن ۾ يوسي جي آفيس کي تالا لڳايو ويٺا آھن، ھر مھيني ست لکن رپين کان وڌيڪ جي ايندڙ بجيٽ ڪرپشن جي ور چڙهي رهي آهي، يوسي اندر گندگيءَ جا ڍير لڳل آهن ۽ مڇرن جو آزار پڻ وڌي ويو آھي. اسان اعليٰ عملدارن ۽ اينٽي ڪرپشن ڄامشوري کان پڻ مطالبو ڪيو ٿا ھن ڪرپٽ يوسي چيئرمين ۽ سيڪريٽري خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ يوسي آفيس کي کولرائي ڏني وڃي ته جيئن عوام جا مسئلا حل ٿي سگھن.

دلاور کوسو/ علي آباد

تنگواڻي پبلڪ

ھيلٿ ۾ ڪرپشن!

تنگواڻي شهر لاءِ پبلڪ ھيلٿ طرفان ترقياتي ڪمن لاءِ مختص ٿيل بجيٽ چٽ ٿي وئي ۽ ھلندڙ اسڪيمون رولڙي جون شڪار ٿي ويون آهن. ذريعن موجب شهر جي ترقيءَ واري مختلف منصوبن لاءِ منظور ٿيل اربين رپيا ڪرپشن ڪري ھڙپ ڪيا ويا آهن. شهر جي ڪيترن ئي محلن جي گھٽين ۾ ڊرينيج سسٽم ذريعي گندي پاڻي جي نيڪال وارو نظام پڻ غير فعال ۽ شهرين لاءِ غير فائديمند بڻجي وڃڻ سميت ٽف ٽائيل سان تعمير ٿيندڙ روڊ توڙي ناليون پڻ غير معياري تعميراتي مٽيريل جي استعمال سبب ناڪارا ۽ ڀڳ ڀُر جون شڪار بڻجي ويون آهن. شهر جي خوبصورتي، سُونهن ۽ ترقي لاءِ منظور ٿيل ڪروڙين رپين جي بجيٽ پبلڪ ھيلٿ انجنيئر مال غنيمت سمجهي هڙپ ڪري آفيس مان ئي لاپتا ٿي ڪنهن اڻڄاتل هنڌ کسڪي ويو آهي. ٻئي طرف شهر جي ڪيترن ئي وارڊن ۾ ترقياتي ڪم نه ٿيڻ سبب جروار محلا،  نوناري محلا، پير عالم شاھ محلا، سچل ڪالوني، مدرسه محلا، تبليغي مرڪز، فضل محمد گجراڻي، سچل گجراڻي جا ٺهيل روڊ، ناليون گهٽيون ھنڌان ھنڌان پٽجي ۽ اُکڙجي ويا آهن. انهن جي مرمت ڪرائڻ بجاءِ پبلڪ ھيلٿ جي ترقياتي ڪمن جو بل پاس ڪرڻ لاءِ ھٿراڌو بل انجنيئر دڪاندارن سان ملي ڀڳت ڪري ڪڍرائي هڙپ ڪري ڇڏيو آهي. شهرين کي بهتر سهولتون ڏيڻ بجاءِ شهر کي کنڊر بڻايو ويو آهي. ھر مهيني ترقياتي منصوبن جي مد ۾ ڪروڙين رپين جا فنڊ ڪامورن جي ھٿان ڪرپشن جي ور چڙھي وڃن ٿا، نتيجي ۾ يا ته ترقياتي ڪم بلڪل ٺپ ٿي رهجي ويا يا وري نالي ماتر ھلندڙ ڪم بجيٽ نه ھجڻ جو جواز ڄاڻائي ڪم رولڙي جا شڪار ٿي ويا. ڪرپشن جي روڪٿام لاءِ احتساب وارو ادارو نيب توڙي اينٽي ڪرپشن پبلڪ ھيلٿ جي ٺيڪيدارن ۽ انجنيئرن کان پچا ڳاڇا ڪرڻ کان به قاصر آھي. ھتي ھڪ سوال عام ماڻهوءَ جي ذھن ۾ اُڀري ٿو ته ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪرڻ تي ڪو ايڪشن کڻڻ لاءِ ڇو تيار نه آهي، ڪٿي ايئن ته ناھي ته سڀني واسطيدار ڌرين جو حصو پتو مقرر ٿيل نه آهي جو ديده دليريءَ سان فقط خانا پوري ڪري عوامي بجيٽ ھڙپ ڪيو وڃي ٿو. تعلقي تنگواڻي جي جاگرافي بيهڪ ۾ ٽائون ڪاميٽي ڪيترن ئي وارڊن تي پڻ مُشتمل آھي پر پسند ۽ ناپسند جي بُنياد تي شهر جا گهڻائي محلا ترقياتي ڪم صفر ٿيڻ ڪري تمام بُنيادي سهولتن کان بلڪل وانجهيل آهن. پاڻ جيڪڏهن ويجهي ماضيءَ کان ڳالھ جي شروعات ڪريون ته گُذريل ٻن سالن کان وٺي راشي پبلڪ ھيلٿ انجنيئر، ٽينڊر ڪلارڪ جي ملي ڀڳت سان ترقياتي ڪم ڪرائيندڙ اصل ٺيڪيدار ئي لاپتا ٿي اسڪرين تان ئي غائب ٿي ويو آھي. پبلڪ ھيلٿ طرفان شهر مان گندي پاڻي جي نيڪالي جا آيل قيمتي پائيپ به ٺيڪيدار چند ڏوڪڙن عيوض وڪرو ڪري کائي ڇڏيا آهن، نه فقط اھو پر شهر جي گندي پاڻي جي نيڪالي لاءِ خريد ڪيل پلاٽ ڪاغذي ڪارروائي تائين محدود ڪيو ويو آهي يا وڪرو ڪري کائي کپائي ڇڏيائون. چونڊيل عوامي نمائندن ھر ڀيري اليڪشن واري موسم ۾ ووٽ وٺڻ مهل ووٽرز کي سبز باغ ۽ خالي ٺلها آسرا ڏئي تنگواڻي شهر واسين کي بهتر بُنيادي سهولتون ميسر ڪري ڏيڻ بجاءِ ھروقت کين بيوقوف بڻائي لالي پاپ ڏئي ڪوڙن بلن جي ذريعي اربين رپيا ھڙپ ڪري شهر کي ترقياتي ڪمن کان محروم بڻائي مڪمل تاريڪين ۽ اونداھين ۾ ڌڪيو ويندو آهي. شهر کي روشن رکڻ لاءِ اسٽريٽ لائيٽون پڻ غائب ڪيون ويون آهن، ڪير کين پڇڻ وارو ئي ڪونهي.

مختيار علي بلوچ/ تنگواڻي

پاڻي ڏيو ڙي پاڻي!‎

پنھنجي اخبار جي توسط سان سجاول شھر جي مسڪين ماڻھن جي اھم بنيادي ضرورتن جي حل لاءِ دانھن ڪجي ٿي ته سجاول سٽي جا ڪجھ علائقا اھڙا آھن جتي مسڪين مزدور پيشا ماڻھن جا وڏا وڏا پاڙا آباد آھن. جن مان الانو خميني پاڙو جاني جوڳي پاڙو مصري شاھ پاڙو، جتي پاڻي جي سپلاءِ جو ڪوبه نظام ناھي، صبح ٿيندي ئي نياڻيون ٻارڙا مٿي تي پاڻي ڀرڻ جي لاءِ مختلف ٿانھن کڻي نڪري پوندا آھن پاڻي جي ڳولا لاءِ مختلف درن تي  پاڻي لاءِ واجھائيندي واجھائيندي سندن ھروز تذليل ٿيندي آھي پر ويچاريون مسڪين عورتون وري صبح ٿيندي ئي پاڻي جي ڳولا ۾ نڪري پونديون آھن سندن انتھائي اھم زندگي جي ضرورت پاڻي سندن درن تي ڪو پھچائي ڏي. ڊي سي سجاول کي عرض ٿو ڪجي ته آئل ۽ گئس ڪمپني جي ملندڙ سوشل فنڊ مان جتي ٻيا ڀلا ڪم ٿي سگھن ٿا اتي ھي مسئلو به حل طلب آھي. بلدياتي ادارن جي وس وارن ماڻھن کي به اپيل آھي ته خدارا ڪروڙين رپين جا فنڊ آھن اوھان وٽ ته ھر قسم جون نعمتون موجود آھن، مسڪين ماڻھن کي پاڻي پھچايو ڪونه کٽي پوندا، پاڻي بنيادي ضرورتن مان آھي جيڪو سندن حق آھي دنيا فاني آھي في الحال توھان وس وارا آھيو اک پورڻ کان پوءِ بيوس ٿيندا پوءِ حساب ڏيڻو پوندو.

الھڏنو راھمون/ سجاول

سنڌ ۾ پرائمري اسڪولز ڪيا وڃن!‎

جيئن ته ھاڻي 40PST ۽ JEST استادن کي ڀرتي ڪرڻ لاءِ ڪابينا پروسيس انفريز جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آھي، انھيءَ حوالي سان سڀني ڊويزن جي ڊائريڪٽر آف ايجوڪيشن کي گذارش آھي ته صوبي ۾ بند پيل اسڪولز کوليان وڃن ۽ ڊسمبر 2025ع تائين پنھنجي سروس پوري ڪندڙ استادن جي لسٽ گھرائي تعداد معلوم ڪيو وڃي ته ڪيتريون ويڪنسيز خالي ٿين ٿيون  اھڙي طرح سان  پرائمري اسڪولز کي اپگريڊ ڪري سيڪنڊري اسڪول جو درجو ڏنو وڃي ته جيئن استادن جي پروموشن سان گڏ ويٽنگ ۾ ويٺل سڀ 40 PST ۽ JEST مرحليوار ڀرتي ٿي سگھن.

نويد خان سومرو/راڌڻ اسٽيشن

عالمي اداري جي ڪاري ڪامڻ جي بابت ڇرڪائيندڙ رپورٽ!‎

ڪالھ انگريزي مشھور اخبار ۾ صحت جي عالمي اداري (WHO) جي ڪاري ڪامڻ Hepatitis C جي ڇرڪائيندڙ رپورٽ 18 مارچ 2024 شايع ٿي آھي جنھن ۾ پاڪستان ۾ ڳڻتي جوڳيءَ صورتحال ٻڌائي وئي آھي. ھن وقت پاڪستان ۾ ھن موذي مرض ۾ تيزيءَ سان اضافو ٿيندو وڃي ٿو. ھن گلوبل رپورٽ ۾ دنيا جي ٻين ملڪن کان وڏي ۾ وڏو انگ ڪاري ڪامڻ جو 8.8 (88 لک) تي پھچي ويو آھي. ميڊيڪل جي غير معياري ۽ غير محفوظ انجيڪشن جي ذريعي آھي، پاڪستان ۾ ڪاري ڪامڻ جي نون ڪيسن ۾ 44 سيڪڙو جو سبب ميڊيڪل جي غير معياري انجيڪشن ۽ دوائون آھن. گذريل سال مصر جي ھڪ ڪرايل رپورٽ موجب به پاڪستان ۾ ڪاري ڪامڻ جا ڪيس ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ھئا. ھن رپورٽ جي انگن اکرن موجب دنيا جي 187 ملڪن ۾ موت جي شرح ڪاري ڪامڻ ۾ 1.1 ملين اضافو 2019ع ۾ ٿيو آھي ۽ 2022 ۾ 1.3 ملين ٿيو آھي، مجموعي انگن اکرن موجب 83% ڪاري ڪامڻ بي آھي ۽ 17% ڪاري ڪامڻ يعني C آهي، ھن رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آھي ته ھن گلوبل رپورٽ موجب دنيا جي ملڪن مان پاڪستان ھن وقت ھن موذي مرض ۾ پنجين نمبر تي آھي. صحيح چڪاس نه ٿيڻ درست علاج نه ٿيڻ، صاف پاڻي نه ھجڻ، کاڌن ۾ ملاوٽ، سڻڀيون ۽ گھڻي گيھ جو استعمال، صفائي نه ھجڻ، حجمن وٽ گھڻن ماڻھن تي پاڪي بليٽ جو استعمال ڪرڻ ۽ ٻيا ڪافي سبب ڪاري ڪامڻ ٿيڻ جا سبب آھن. ھي ھڪ وائرل انفيڪشن بيڪٽريا بيماري آھي جيڪا ھڪ کان ٻئي ماڻھو ۾ منتقل ٿئي ٿي. پاڪستان ۾ ھر سال 5 سيڪڙو کان مٿي ھن مرض ۾ واڌ ٿيندي رھي ٿي. ان ڪري ھم موذي مرض جي ڪري ماڻھو زندگي جي جنگ ھارائي وڃن ٿا. ماڻھو پنھنجون  ٽيسٽون نه ٿا ڪرائين ان جو سبب غربت به آھي ۽ پاڪستان ۾ سرڪاري اسپتالن جو حال پورو آھي. اتي چگو ڀلو ماڻھو به بيمار ٿي ايندو آھي ته مريضن کي دوائون يا صحيح علاج ڪيئن ٿيندو، اھو پڻ پنھنجي جڳھ تي سوال به آھي. خانگي اسپتالن ۾ غريب بي پھچ ماڻھو ھن مهانگائي جي دور ۾ علاج نهٿو ڪرائي سگھي. ڊاڪٽر جو به فقدان آھي تمام گھٽ پاڪستان ۾ ماھر ۽ ڄاڻ رکندڙ آھن. حڪومت ھن رپورٽ کي نظر ۾ رکندي هاڪاري قدم کڻي صحت جا مرڪز آبادي جي لحاظ کان کولي. ھن موذي مرض لاءِ آگاھي پروگرام ۽ ڳوٺن ۽ شھرن ۾ ڪاري ڪامڻ جون مفت ۾ ٽيسٽون ۽ علاج جو بندوبست ڪري، مفت ڪئمپون لڳرائي سٺا ماھر ڊاڪٽرن کي مقرر ڪرائي ھن موذي مرض تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ جوڳا قدم کڻي. بلڪل ھن موذي ۾ وڏو انگ جڪڙيل آھي جيڪڏھن حڪومت سنجيده ٿي ڪري ڪم نه ڪندي ته ھن موذي مرض جي ڪري موت جي شرح ۾ واڌ ايندي.

شفيق وساڻ/ڳوٺ جھنگو وساڻ

ڊرگھه بالا يوسي جي برسات متاثرن کي گهرن جي رقم ڇو نه ملي!

گذريل ٽن سالن کان لاڳيتو برساتن ۽ ٻوڏن کي منهن ڏيندڙ دادو ضلعي ۽ تعلقي جوهي ڪاڇي جي يوسي ڊرگھ بالا جي برسات متاثرن کي گهر سروي واري رقم نه ملڻ افسوس جوڳي ڳالھ آهي، دنيا ۾ ڪٿي به ايئن ناهي جهڙو قانون اسان جي ملڪ ۾ هلي رهيو آهي، دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ جڏھن ٻوڏون، برساتون يا ڪا ٻي مصيبت ايندي آهي ته ان ۾ متاثر ٿيل عوام ۽ علائقن ۾ هنگامي بنيادن تحت قدم کڻي عوام کي پيرن تي بيهاريو وڃي ٿو پر افسوس جو هتي سالن جا سال ماڻهن جي ڪابه مدد نٿي ڪئي وڃي، ايتري تائين جو ڪا ٻي مصيبت ماڻھن مٿان اچي ڪڙڪي ٿي سو لکڻ جو مقصد اهو آهي ته جڏھن اسان جي ملڪ جي وزيراعظم شهباز شريف پاران برساتن ۽ ٻوڏن ۾ متاثر ٿيل ماڻھن جي مدد لاءِ گهرن جي اڏاوت لاءِ اعلانيل رقم ٽي سال گذرڻ باوجود متاثرن کي نه ملي سگهي آهي، پاڪ آرمي جي نگراني ۾ سروي بعد ٿرديپ تنظيم کان هزارين متاثرن جي سروي کي به ٽيون سال مڪمل ٿيڻ وارو آهي پر ڪنهن به ماڻھو کي رقم جاري نه ٿيڻ تي هزارين متاثرين ڏکيائين جو شڪار ٿي ويا آهن، جڏھن ته سانوڻي جي برساتن جي به ايئن کڻي سمجهجي ته شروعات ٿي چڪي آهي ۽ اقتدار ۾ ويٺل حڪمران به ساڳيا آهن جنهن اهڙو اعلان ڪيو پر افسوس جو ان اعلان تي هن وقت تائين عمل ٿيندي نظر نه پيو اچي، گهرن کان بي گهر ٿيل ماڻھن جي اکين ۽ اندر ۾ اها اميد ۽ آس هر وقت جاڳندي رهي آهي ته حڪمران اسان جي مالڪي ڪندا پر چوٿين يعني موجوده سال جي سانوڻي سر تي اچي وڃڻ کان پوءِ انهن هزارين ماڻھن ۾ نااميدي جي لهر پکڙجي وئي آهي موجوده وزيراعظم شهباز شريف پ پ سرڪار وزير اعليٰ سنڌ مراد علي شاهه کي گذارش ٿي ڪجي ته سروي ٿيل دادو ضلعي جي يوسي ڊرگھ بالا جي سمورن متاثرن کي گهرن جي اڏاوت واري رقم جاري ڪري کين مايوسي ختم ڪئي وڃي.

محمد اسماعيل لانگاھھ/ ڊرگھ بالا، ڪاڇو

بي لغام گهوڙي سوار ۽ سنڌ جون سياسي حالتون!

(حصو پهريون)

ڪنهن پراڻي زماني جي ڳالھ ڪندي عمر رسيده بزرگ چيو ته اڄ هڪ قصو ٻڌايان ٿو ياد رکجان! چيم جي سائين ضرور ٻڌايو؟ وراڻيندي چيائين ته آڳاٽي زماني جي ڳالھ آھي ته ڪو بدمست گهوڙي سوار شروع شروع ۾ لغام دار گهوڙي تي سواري ڪرڻ سکيو، گهوڙي سوار پنهنجي فن ۾ روز بروز مهارت ويو سکندو ۽ هو جڏهن به گهوڙي سواري ڪري پيو ته اڄ جي زماني جي موٽر سائيڪل ريس ڪندڙن جيان مختلف ڪرتب ڪندي ماڻھن کي حيران پريشان ئي نه پر دنگ ڪري ڇڏي ۽ ماڻھو ان ۾ دلچسپي وٺڻ لڳا ته يار هي اهي گهوڙي سواريءَ جا ڪرتب ڪري ڪيئن ٿو! ان زماني جي هينڊلرز گهوڙي سوار کي اهڙو ته تيار ڪيو جو هو پنهنجي لغامدار سواري ڪرڻ تان هٿ کڻي ويو ۽ زماني جي گهوڙي سوارن کي چئلينجز ڏيڻ لڳو. مختلف گهوڙي سوارن بي لغام گهوڙي سوار کي مختلف وقتن تي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ پروگرام ترتيب ڏنا پر هو پنهنجي هينڊلرز کان ترتيب اهڙي سکي پيو اچي جو سندس مقابلي ۾ لهندڙ گهوڙي سوار عين وقت تي دنگ رهجي پيا وڃن ۽ هي بي لغام گهوڙي سوار سڀني کي ريس ماري زماني ۾ سرخرو طور سامهون اچي پنجن سالن جو چيمپيئن ٿي پيو وڃي. ان وقت جي سياڻن ماڻھن کيس کي ڪافي مشورا صلاحون ۽ تجويزون ڏنيون پئي ته اهو بي لغامي ڪرتبي ڪم هينڊلرز ذريعي پائيدار ناهي رهندو ۽ تون پنهنجي فطري گهوڙي سواريءَ سان بهتر سوار طور سڃاتو وڃي ٿو، ان ڪري وقتي ان سرڪل مان جي ڪا شڪست اچي به اٿي ته اها شڪست ناهي، اها تنهنجي لاءِ نئي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ ھڪ ساهيءَ برابر پڻ آھي. بي لغام گهوڙي سوار پنهنجي پويان تربيت ڏيندڙ هينڊلرز جي وقتي رعايت ۽ مصلحت مان اهو سمجهيو پئي ته هن زماني جو مها گهوڙي سوار مان ئي آھيان باقي ڪل خير پر ايئن فطرت به ڪنهن کي گنجائش ناهي ڏيندي جيئن هي غير فطري گهوڙي سوار دعوا ڪرڻ لڳو. ڪڏهن ڪڏهن بي لغام گهوڙي سوار کي ان دور جا ٻيا گهوڙي سوار اڻ سڌي طرح ۽ هينڊلرز کي سڌيءَ طرح جا مقابلا ڪرڻ جا احتجاج نما اشارا ڏين پيا ته وقتي حالتن ۾ بي لغام گهوڙي سوار کي پڪڙ به ٿئي پئي. (جاري)

رحمت الله ٻرڙو/ڪراچي

سنڌ ڪارو

ڪاري جا واقعا!‎

سنڌ ۾ عورت ظلم جو شڪار آهي، سنڌ ۾ ڪارو ڪاري جا واقعا روز جو معمول بڻيل آهن، آئون روزاني پنهجي اخبار ڪراچي پڙهندو آهيان، هر روز اتر سنڌ ۾ عورتن کي قتل ڪيو ويندو آهي، عورت ھر ھنڌ ظلم جو شڪار آهي، جيڪڏهن سنڌ ۾ ڪا عورت پسند جو پرڻو ڪندي آهي ته ان کي قتل ڪيو ويندو آهي، تازو ضلعي جيڪب آباد ۾ هڪ عورت کي پنهنجي مڙس ڪارو ڪاري جي الزام ۾ قتل ڪيو آهي، قتل ڪرڻ جو مقصد صرف موبائل فون تي ڪنهن سان مصروف هئي، ان عورت جو قاتل پوليس پڪڙي نه سگهي آهي افسوس آهي اسان جي اسلام ۾ مذهب آزاد آهي اسان جو مذهب اسلام هڪ  اهڙو مذهب آهي جيڪو زور ناهي ڪندو ٻنهي جهانن جي سردار رسول الله ﷺ جن ڪافرن سان محبت ڪيو آهي انهن کي مسلمان ٿيڻ جي دعوت ڏني هئي پوءِ اسان مسلمان پنهنجي نياڻين کي زوري زبردستي شادي ڪرڻ ۾ مصروف آهيون، ان ڪري سنڌ ۾ قتل جا واقعا ٿيندا آهن، هڪ ته سنڌ ۾ تعليم جو شعور گهٽ آهي ٻيو ماڻهن کان صبر موڪلائي ويو آهي.

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو

حيدرآباد جو قيدي!

جوڙي کان پوءِ ڀائو بدر پنهنجي پوريءَ ٽيم سان گڏ ملڻ اچي ٿو، هو چوي ٿو ته توهان جو پيغام هينئر هينئر مليو آهي ته سڌو توهان ڏي هليو آيس. ڪجھه سوچي چئي ٿو ته ڪورٽ ۾ ڪنهن سان جھيڙو جھٽو نه ڪجانءِ، انهن جي وڃڻ کان پوءِ نيرن ڪيان ٿو، نيرن کان پوءِ تراب پٺاڻ ڪورٽ لاءِ وٺڻ ٿو اچي. ڪورٽ ۾ وڪلي فرحان علي ابڙو صاحب سڀني کان پهرين اچي ٿو ملي، هو موبائيل فون ۾ منهنجو ڪالم “اچي ويو اٿئي شينهن!” ڏيکاريندي چئي ٿو ته تو هن ۾ منهنجي تمام گھڻي بيعزتي ڪئي هئي، جنهن کان پوءِ مون تنهنجي اپيل جي مالڪي ڪونه ڪئي. کلي چوانس ٿو ته بس دعا ڪر، آئون تمام جلد گھر اچي ويندس. مون چيو ڇا ڪنهن قيديءَ جي ڪڏهن جيل ۾ قبر ٺهي آهي؟ منهنجو جواب وڪيل صاحب کي ڏاڍو خراب لڳو. چيائين ته مون تنهنجي امڙ سان واعدو ڪيو هو ته آئون آصف کي آزاد ڪرائيندس، ڪجھه دير ۾ محترم وڪيل ڊاڪٽر امتياز علي عباسي صاحب بي امان ۽ ماما شير خان ڇلگريءَ کي وٺي مون ڏي اچي ٿو، عباسي صاحب جي لبن تي ڪجھه اهڙا لفظ هئا ته منهنجي وارث کي سنڀاليو. منهنجي ماسيءَ ۽ منهنجو مامون مون کي ڀاڪر ۾ ڀري ڪافي دير تائين روئيندا رهيا، تمام گھڻو سُڪون محسوس ٿي رهيو هو. ڪورٽ جو به سمورو خرچ ماما سائين برداشت ڪيو. اسد، شان ۽ ننڍي ڀيڻ پارس پنهنجي ٻارن سان گڏ ملاقات تي مون وٽ آيا، ڌريون صفا کير کنڊ ٿي ويون. جج منهنجي شنوائي وري سڀاڻي تي رکي آهي. ڪورٽ ۾ فيضان فاروقي نالي قيدي سان تمام گھڻي ڪچهري ٿي، شام جو ڀاءُ بدر ۽ هُن جي دوستن سان وقت گذاريم. عبيد خانزادي سان گڏجي سائين لياقت جي کوليءَ ۾ وڃي شان وارن سان ڪچهريون ڪيم. سائين لياقت بابا سائين جي ياد تازي ڪرائي ڇڏي. پنهنجي ساٿين سان گڏجي گھران آيل کاڌا کاوان ٿو ۽ پاڙي وارن کي به کارايان ٿو. هينئر منهنجا دوست ڪچهري ڪرڻ کان سواءِ کائڻ پيئڻ تي به ڪلاس هلائي رهيا آهن، جسم ۾ ٿڪاوٽ تمام گھڻي محسو ٿي رهي آهي. (24 جنوري 2024، رات جا 8:15 وڳا)

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد