هر ماڻهو نوڪري چاهي ٿو ڪاروبار ڇو نه؟ فائدو ڪنهن ۾ آهي؟ سوشل ميڊيا تي عوام پاران تجربي جي بنياد تي آگاهي

0
23

هر ماڻهو نوڪري چاهي ٿو، ڪاروبار ڇو نٿو چاهي؟ ڇا ڪاروبار ۾ فائدو ناهي يا ڪاروبار ضروري ناهي؟ اهڙو سوال سوشل ميڊيا تي اٿاريو ويو جنهن دوران ماڻهن ڪاروبار جي حوالي سان پنهنجو پنهنجو تجربو ٻڌايو، نعيم الله مهر اڪيڊمي پاران پوسٽ شيئر ڪئي وئي ته سنڌين جي اڪثريت سرڪاري نوڪري چاھي ٿي. ڪاروبار جو رجحان گھٽ آھي. ھتي منھنجو مقصد ھرڪو پنھنجو ڪاروبار ۽ تجربو شيئر ڪري ته جيئن ھڪٻئي جي تجربن مان فائدو حاصل ڪري سگهجي. نوڪري ڀلي ڪريو پر گڏوگڏ ڪاروبار به ضروري آهي. جنهن تي شهزاد لکيو ته نوڪري ۾ آھيان، نوڪري کان پھريان گھر اندر دڪان ھلائيندو ھئس جيڪو اڃا موجود آھي، ٻني آھي. ڪجھه پلاٽ ورتل آھن، جتي دڪان ٺھرائي ڪرائي تي ڏيڻ جو ارادو آھي. شام جو ٽيوشن ڏيان ٿو.. ڪاروبار ھزارن کان شروع ڪجي لکن تائين پھچائجي. تنھنڪري اڃا انويسٽمنٽ وڌائندس.. نقرچ سليمان فوٽوگرافي ۽ اسٽاف نرس، گلزار علي خاصخيلي لکيو ته سچي حقيقت، آئون ھڪ پرائيويٽ جاب سان گڏ دڪاندار به آھيان، ھڪ سال اڳ ھڪ دوست چيو ته آئون صفا بيروزگار آھيان مدرسي ۾ بورچي ھئس، 9000 پگھار ڏيندا ھئا ليڪن ھن وقت فارغ آھيان ڪٿي پٽيوالي چوڪيداري يا گارڊ ڊيوٽي ملي ته مونکي لڳرائي ان کي مون مشورو ڏنو ته جيسين ڪو اھڙو موقعو ملي تيسين توھان ھڪ ڪم ڪيو بائيڪ توھان وٽ آھي پلاسٽڪ جو بوتلن وارو خالي ڪريٽ ھٿ ڪر مان توھان کي حيدرآباد مان ڪنفيڪشنري جو ايٽم ويھه ھزار جو موڪليان ٿو توھان اھو دڪانن تي سيل ڪيو، ھن مشورو مڃي ڪم اسٽارٽ ڪيو 5 ھزار جي سيل پوءِ 8 ھزار جي سيل ائين ھن محنت ڪئي سيل ڪري پيسا موڪليندو ويو آئون ھن کي حيدرآباد مان مال بلٽي ڪرائي موڪليندو ويس ۽ پوءِ ھو شھدادپور مان به ٻيا ايٽم وٺي سيل ڪندو ويو، يقين ڪيو ھن وقت ھو صرف بائيڪ تي 30 کان 40 ھزار جي سيل ڪندو آھي ۽ روزانو سڀ خرچ ڪڍي 17 سو 18 سو منافعو ڪمائيندو آھي، صرف شروعات وارا ٽي مھينا ھن مون کي منافعو نه ڏنو ان کان بعد ھو ھر مھيني مون ڏي 16 ھزار 17 ھزار منافعو موڪليندو آھي، مارچ جي مھيني ۾ ڪڻڪ جي سيزن ۾ ھن ھڪ لک کان وڌيڪ ڪمايو ۽ 25000 منافعو مونکي به ڏنو ھن جي محنت ۽ منھنجي ننڍڙي انويسٽ تي ھو ھن وقت تمام سٺي زندگي گذاري رھيو آھي ۽ مونکي به سٺو منافعو ملي رھيو آھي ثبوت طور ڪجھه تصويرون به ھيٺ رکان ٿو، گل حسن شر لکيو ته ٻارھين ڪلاس ۾ پڙهندو آھيان سموري تعليم سرڪاري اسڪول مان حاصل ڪئي آ ھاڻي داخلا به آھي مئٽرڪ تائين ريگيولر رھيو آهيان ليڪن ھاڻي پيسن جي تنگي جي ڪري پرائيويٽ اسڪول ۾ پنج هزار تي ٽيچنگ ڪرائيندو آھيان ان کان فارغ ٿي ڪري ڪمپيوٽر ڪورس ڪيان ٿو پيو ڊپلوما ڪيان ٿو پيو ھاڻي سرڪاري نوڪريءَ جي ڳولا ۾ آھيان الله ڪندو محنت جو ڦل ضرور ملندو، غلام قادر سومرو لکيو ته اتم کيتي نيچ نوڪري وڌندڙ واپار …الحمد الله مون کي پنهنجو ڪاروبار آهي ….. هڪ بهترين استاد ٿيڻ منهنجو خواب آهي …..اشوڪ پارس لکيو ته اسان چاھيون ٿا ته ڀلي ٻه رپيا گهٽ ملن پر محنت نه ڪرڻي پئي انهي ڪري سرڪاري نوڪري جي طرف اسان جو لاڙو وڌيڪ آهي نه ته پنهنجي ڪاروبار ۾ وڏي برڪت آهي. جي ايچ عطاري سنڌي لکيو ته ڪاروبار لاءِ جگر کپي ۽ تجربو،،،ان کان پوءِ پيئسو گھڻو ھجي، ڇو جو اڄ ڪلھه مھانگائي گھڻي آھي، محمد اڪرم جوکيو لکيو ته ڪاروبار سون آهي پر پاڪستان ۾ هينئر ڪاروبار ڪرڻ ناممڪن ٿي ويو آهي ڳرن بلن ايڍوانس ٽئڪسن ۽ منافع خور واپارين ڪاروبار ڪرڻ ڏکيو ڪري ڇڏيو آهي. شفيق الرحمان لکيو ته سوچي سمجهي ڪاروبار ڪجي ته نوڪري کان وڌيڪ فائدو آهي، شاهه رخ علي اڄڻ لکيو ته سر ڪاروبار ھر ماڻھو نٿو ڪري سگھي ڇو جو ڪاروبار لاءِ پئسو ۽ وقت کپي، ٻيو امن جو به مسئلو آهي، عام ماڻهو مشڪل سان ڪاروبار ڪري سگهي ٿو، سڪندر علي بجير لکيو ته ليب ٽيڪنيشن آهيان، ننڍڙو سيٽ اپ آهي شڪر الحمدالله .. محنت جاري آهي الله پاڪ ڪاميابي ڏيندو.. منهنجي هٿ سان تيار ڪيل خارش جي ڪريم آهي مارڪيٽ ۾ ميڊيڪل اسٽورن تي دستياب آهي… فري ٽائيم او پي ڊي به ڪندو آهيان، لياقت علي ڪنڀر لکيو ته نوڪري ڀلي ھجي ته بھتر آهي پر ڪاروبار ٻي شي آهي منھنجي نوڪري آهي ان جي پگھار پهرين تاريخ تي ئي ختم ٿي ويندي آهي، اهو ڪاروبار آهي جيڪو مھينو ڪٽڻ ۾ آساني ٿئي ٿي. نعمان علي سنڌي لکيو ته ڪاروبار ڪرڻ لاءِ 2 رپيا هجن تڏهن ڪاروبار هلندو منهنجو چوڻ مطلب اهو آهي پئسو پئسي وارن وٽ ويندو غريب اهو ساڳي سورن ۾ وقت پيو ڪٽيندو، حارث خان لکيو ته سيزن جي حساب سان هينئر نوجوان بوتلن جو ڪاروبار ڪري سڄي اونھاري جا 6 مھينا دل سان محنت ڪري سڄو سيارو گھر ويھي آرام ڪري پوءِ به ان جو بئنڪ بيلنس پورو رھندو، نظر محمد لکيو ته بهترين سوچ آهي مون وٽ به هڪ بهترين idea آھي ۽ هڪ بهترين پروڊڪٽ آهي ڪاروبار جي حساب سان پر سپورٽ نه هجڻ جي ڪري اسان ان ڪاروبار کي نٿا ڪري سگهون ، اهو ڪاروبار ڪيو ته اسان جي علائقي جي غريب ماڻهو کي تمام گهڻو فائدو پوندو. فيصل خان بروهي لکيو ته مونکي پهريون ھنر سکڻ جو شوق ھيو تنهنڪري مان سلائي جو ڪم سکيو ان مان خاص ڪمائي نه ھجڻ ڪري پوءِ بزنس ڪرڻ جو سوچيم پوءِ ڪنھن واپاري سان گڏ 2 سال رھي ھن مھل گنج پيا ڪمايون، محبتي زاهد کوسو لکيو ته اسانجو مائٽ مون سان گڏ نوڪري جي آسري رلندو هو ڪيڏي مهل ڪٿي ته ڪيڏي مهل ڪٿي دربدر انٽرويو، ٽيسٽون،سکڻن دلاسن ۾ رلي وياسين نيٺ مائٽ پنهنجو ڪانٽو کوليو ننڍڙي ڪاروبار کان شروعات ڪئي اڄ اسانجي شهر جو پهرين نمبر سيٺين ۽ ڪامياب ماڻهن ۾ شامل آهي ۽ اسان اڃا نوڪري جي آسري چمچاگيري پيا ڪيون پر آسرو ڪونهي هاڻ پڇتايون پيا ته زندگي جا ڏهه ٻارنهن سال سکڻن دلاسن آسري زندگي وڃائي ويٺاسين اوور ايج جي حدن ۾ وڃي پڳاسين ڪو ڪاروبار ڪيون ها ته اڄ سولا هجون ها، سهيل کوسو لکيو ته جڏهن پنهنجو ڪاروبار شروع ڪريو ته ان جو پهريون اصول ايمانداري آهي، اختر عباس لغاري لکيو ته گوٽ فارمگ ڪرڻ جو ارادو آھي تجربي مطابق 30 ٻڪريون 25 لک سال ۾ بچت آهي، تاج بن روشن ڪناسرو لکيو ته آئون پهريان پرائيويٽ اسڪول ۾ نوڪري ڪندو هئس، والد جي ملڪيت مان 4 لک حصو مليو جنهن مان 2015ع ۾ پنهنجو اسڪول کوليم، انهي اسڪول مان ڪراچي ۾ پنهنجو گهر ٺاهيو آهي، پنهنجي تعليم مڪمل ڪئي، جنهن ۾ ايم اي، ايم ايس سي، ايل ايل بي، بي ايڊ شامل آهي، هڪ نئون اسڪول ڪيمپس کوليم. رامچند داس لکيو ته ڪاوربار سٺو ڪم آهي، محمد عمر به راءِ جو اظهار ڪيو، مير ماجد شر لکيو ته ڪاروبار کولڻ لاءِ سرڪاري نوڪري ضروري آهي، محمد اسماعيل به راءِ جو اظهار ڪيو، راشد آئون شاگرد آهيان، ننڍڙو ڪاروبار دڪان هلائيندو آهيان ڪراچي، 25 هزار کان ڪم شروع ڪيو هاڻ ٻه دڪان آهن، لڪي صاحب لکيو ته ڪاروبار اهم آهي، گلزار علي خاصخيلي به راءِ جو اظهار ڪيو، محمد حڪيم لکيو ته نوڪري سان گڏ ڪاروبار ھجي.. ضمير حسين جمالي لکيو ته گورنمينٽ ڪانٽريڪٽر آهيان، نديم مزاري لکيو ته ڪاروبار لاءِ پئسا گهرجن، انعام الله به راءِ جو اظهار ڪيو، خان حسن لکيو ته ڪمپيوٽر آپريٽر آهيان، صدام ميمڻ لکيو ته سينٽري اسٽور ۾ تجربو آهي،علي رضا به پنهنجو تجربو ٻڌايو، عمران لاڙڪ لکيو ته ڪاروبار بهتر آهي، آصف خان لکيو ته مون وٽ نه نوڪري نه ئي ڪاروبار آهي، تنوير ڀيو لکيو ته پرائيويٽ اسڪول، رانجهو خان سيال لکيو ته ميڊيڪل اسٽور جو تجربو آهي، احسان علي زرداري لکيو ته ويجيٽيبل فارم، لطيف عباسي لکيو ته مهانگائي تمام گهڻي آهي، ڪاروبار سٺي سيڙپڪاري گهرجي، پرويز سولنگي، ايم آصف سريوال، راجو خان ڪلوئي، سانوڻ ڪمار، دليپ ڪمار به راءِ جو اظهار ڪيو، نجيب الله پالاري لکيو ته آن لائن ڪاروبار، مسلم بلاول حسن، کيراج گرڙو، دلدار علي، حسنين علي به ردعمل ڏنو، معروف علي لکيو ته ڪاروبار ضروري آهي ڇاڪاڻ ته نوڪري انسان جون ضرورتون پوريون ڪندي آهي ۽ ڪاروبار نسل پاليندو آھي، رمس پري لکيو ته ڪاروبار تڏهن ٿيندو جڏهن نوڪري هوندي، نظر ڀرگڙي لکيو ته نوڪري بهتر آهي، محمد اعظم لکيو ته پرائيويٽ اسڪول، مصعب علي لکيو ته منهنجو هينڊي ڪرافٽ جو دڪان آهي، شاڪر علي، محمد عيسيٰ ابڙو به ردعمل ڏنو، غلام  مرتضيٰ مهر لکيو ته سبزي پوکي وڪڻندو آهيان، معراج لکيو ته ميڊيڪل اسٽور هلائيندو آهيان، ايم رمضان عارباڻي لکيو ته ڪاروبار به بھتر آھي پر ٽريڊنگ وڌيڪ صحيح آھي، منھنجو شادي ھال ۽ ٽينٽ سروس جو ڪاروبار آھي ٽينشن وڌيڪ آھي پيسو به آھي، نسيم الله ميمڻ لکيو ته نوڪري سان گڏ پاسي تي ڪاروبار به هجي، صوفي نثار احمد لکيو ته آن لائن پارٽ ٽائيم ڪم سان سٺو ڪمائي ويندا آهيون، گلزار علي خاصخيلي به ردعمل ڏنو، عبدالرحمان انصاري، ڀورل خان چاڪراڻي، عبدالرحمان بڙدي لکيو ته ڪراچي ۾ موبائل شاپ آهي، مير محمد لکيو ته گرافڪ ڊزائينر آهيان، حافظ جاويد لانگاهه لکيو ته ڪاروبار کانسواءِ نوڪري اڌوري آهي، مجيب الرحمان قريشي لکيو ته ڪراچي ۾ اليڪٽرڪ شاپ آهي، گلبهار ملاح، مسلم بلاول حسن سنڌي، جي مرتضيٰ، عتيق الرحمان، فهد سومرو، لياقت علي، غلام مصطفيٰ  به پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو.