جمشيد دستي ۽ محمد اقبال خان جي ميمبرشپ معطل

0
43
جمشيد دستي ۽ محمد اقبال خان جي ميمبرشپ معطل
جمشيد دستي ۽ محمد اقبال خان جي ميمبرشپ معطل

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق ايم اين اي جمشيد دستي ۽ محمد اقبال خان جي ميمبرشپ معطل ڪري ڇڏي، ايوان ۾ داخلا تي پابندي پڻ لاڳو ڪئي وئي آهي

گذريل ڏينهن پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ صدر آصف زرداريءَ جي خطاب دوران ايم اين اي جمشيد دستي ايوان ۾ باجو وڄائي احتجاج ڪيو هو

صدر آصف زرداري گڏيل اجلاس کي خطاب شروع ڪيو ته اپوزيشن ميمبرز گو زرداري گو جا نعرا هنيا هئا، جمشيد دستي ۽ محمد اقبال خان اڄ اجلاس ۾ شرڪت لاءِ جئين ئي پهتا ته کين ايوان ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو ويو