اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت اسلام آباد جي اسڪولن ۾ جانورن جي ڀلائي لاءِ خاص ڪورس پڙهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، وزيراعظم جي اسٽريٽجڪ رفارمز (ايس آر يو) پروگرام جي سربراهه سلمان صوفي چيو آهي ته حڪومت جانورن جي ڀلائي جي حوالي سان اسلام آباد جي اسڪولن لاءِ خاص ڪورس تيار ڪري رهي آهي، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي هن وڌيڪ چيو ته جانورن جي ويلفيئر جي حوالي سان هڪ خاص ڪورس اسلام آباد جي اسڪولن ۾ متعارف ڪرايو ويندو، ٻارن کي سيکاريو ويندو ته جانورن سان انساني رويو ڪهڙو هجڻ گهرجي جيئن اهي سٺا شهري بڻجي سگهن. هن چيو ته تعليمي ادارن ۾ آڪٽوبر جي آخر تائين اهو ڪورس متعارف ڪرايو ويندو جيڪو مرتب ڪيو ويو آهي.