عمرڪوٽ (رپورٽر) ڇور لڳ برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ ھنيل 2 ڪٽ ناڪام ٿيڻ بعد ٽيون ڪٽ ھڻڻ جون تياريون شروع ڪيون ويون آھن، ان سلسلي ۾ آبپاشي ماھرن جي ٽيم ڳوٺ گيت سنگھه پھتي ۽ علائقي جو جائزو ورتو، انجنيئرن ٻوڏ واري پاڻي ۽ ڀٽن جي سطح جي ماپ ورتي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي خالد سراج سومرو چيو ته اسان ڪوشش ڪيون پيا ته پاڻي جي نيڪال جو مستقل حل ڪڍيو وڃي ۽ فوجي موڙ کيت سنگھه لڳ ڪٽ ھڻي پاڻي کي ٿر جي ڏھرن ۾ ڇوڙ ڪرايو وڃي، واضح رهي ته صوبائي وزير سردار شاهه جي نگراني ۾ ٻانھياري ڀٽ ۽ چانيھا ڍاڻي لڳ ھنيل 02 ڪٽ مبينا طور ناڪام ٿي ويا آھن، جنهن بعد هاڻي ٽيون ڪٽ ڳوٺ گيت سنگھه لڳ ھڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، هوڏانهن ڳوٺ اکيراج حيات سومرو، فيصل آباد، راھمان ڪالوني، گيت سنگھه سميت وڏو علائقو ھڪ مھيني کان به وڌيڪ عرصي کان پاڻي ۾ ٻڏل آھي، جنهن ڪري ڇور عمرڪوٽ ٽرانسپورٽ مڪمل طور تي پڻ بند پيل آھي،